ضرورت کان وڌيڪ مطالبا تسليم نه ڪنداسين: ايران جو صدر

تهران -12 فيبروري(اي پي پي) ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان چيو آهي ته سندس ملڪ پنهنجي ايٽمي پروگرام تي حد کان وڌيڪ مطالبن آڏو نه جهڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب هن انقلاب ايران جي 47 هين سالگره جي موقعي تي گادي واري هنڌ تهران جي آزادي اسڪوائر تي تقرير ۾ چيو ته ايران ضرورت کان وڌيڪ مطالبا تسليم نه ڪندو. هن چيو ته ايران جارحيت سامهون نه جهڪندو پر اسان …

تهران -12 فيبروري(اي پي پي) ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان چيو آهي ته سندس ملڪ پنهنجي ايٽمي پروگرام تي حد کان وڌيڪ مطالبن آڏو نه جهڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب هن انقلاب ايران جي 47 هين سالگره جي موقعي تي گادي واري هنڌ تهران جي آزادي اسڪوائر تي تقرير ۾ چيو ته ايران ضرورت کان وڌيڪ مطالبا تسليم نه ڪندو. هن چيو ته ايران جارحيت سامهون نه جهڪندو پر اسان خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڙيسري ملڪن سان پنهنجي پوري طاقت سان ڳالهيون جاري رکيون آهن. هن چيو ته سندس ملڪ پنهنجي ايٽمي پروگرام جي ڪنهن به تصديق لاءِ تيار آهي ۽ اصرار ڪيو ته ايٽمي هٿيار نٿا چاهيون. هن چيو ته اسان ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جا خواهش مند ناهيون.

مزید خبریں