فلوريڊا- 12 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي خلائي ادارو ناسا، عالمي خلائي اسٽيشن (آءِ ايس ايس) لاءِ نئين عملي جي روانگي جي مشن جي شروعات 13 فيبروري تي ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب مشن ۾ روس جو خلاباز آندري فيدياف به شامل هوندو. ناسا مطابق اداري ۽ اسپيس ايڪس جي ٽيمن مشن ”ڪريو-12“ لاءِ لانچ ريڊي نيس ريويو جو اهم مرحلو مڪمل ڪري ورتو آهي، جنهن بعد مشن قيادت موسم جي …
ناسا 13 فيبروري تي آءِ ايس ايس لاءِ نئين عملي جي روانگي جي مشن جي شروعات ڪندو

مزید خبریں
فلوريڊا- 12 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي خلائي ادارو ناسا، عالمي خلائي اسٽيشن (آءِ ايس ايس) لاءِ نئين عملي جي روانگي جي مشن جي شروعات 13 فيبروري تي ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب مشن ۾ روس جو خلاباز آندري فيدياف به شامل هوندو. ناسا مطابق اداري ۽ اسپيس ايڪس جي ٽيمن مشن ”ڪريو-12“ لاءِ لانچ ريڊي نيس ريويو جو اهم مرحلو مڪمل ڪري ورتو آهي، جنهن بعد مشن قيادت موسم جي حتمي صورتحال سان مشروط لانچ ڪائونٽ ڊائون اڳتي وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. خلائي جهاز جي روانگي اڄ جمعي تي صبح 5 لڳي 15 منٽ ايسٽرن اسٽينڊرڊ ٽائم (10 لڳي 15 جي ايم ٽي) کان اڳ نه ٿيندي. اهو مشن اسپيس ايڪس ڊريگن خلائي جهاز ۽ فالڪن 9 راڪيٽ ذريعي فلوريڊا جي ڪيپ ڪينورل اسپيس فورس اسٽيشن تان روانو ٿيندو. ناسا مطابق لانچ واري هنڌ موسم 85 سيڪڙو تائين مناسب آهي، پر ڪڪرن جي موجودگي بنيادي ڳڻتي آهي. مشن ۾ ناسا جا خلاباز جيسيڪا ميئر ۽ جيڪ ميٿاوي، يورپي خلائي ايجنسي جي خلاباز سوفي ايڊينو ۽ روس جو خلا باز آندري فيدياف شامل آهن، جيڪي 8 مهينن تائين آءِ ايس ايس تي پنهنجا فرض ادا ڪندا.











