ماسڪو- 12 فيبروري (اي پي پي) روس جي صدارتي ترجمان دمتري پيسڪوف چيو آهي ته ڪريملن جا نمائندا 19 فيبروري تي منعقد ٿيندڙ بورڊ آف پيس جي پهرين اجلاس ۾ شرڪت جو ڪو ارادو نه ٿا رکن. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن چيو ته ان بورڊ جي ايجنڊا جو معاملو هن وقت تائين روسي پرڏيهي وزارت ۾ غور هيٺ آهي ۽ پرڏيهي وزارت بورڊ جي موضوع جو تفصيلي جائزو وٺي رهي …
بورڊ آف پيس جي پهرين اجلاس ۾ شرڪت جو ڪو ارادو ناهي: روس

مزید خبریں
ماسڪو- 12 فيبروري (اي پي پي) روس جي صدارتي ترجمان دمتري پيسڪوف چيو آهي ته ڪريملن جا نمائندا 19 فيبروري تي منعقد ٿيندڙ بورڊ آف پيس جي پهرين اجلاس ۾ شرڪت جو ڪو ارادو نه ٿا رکن. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن چيو ته ان بورڊ جي ايجنڊا جو معاملو هن وقت تائين روسي پرڏيهي وزارت ۾ غور هيٺ آهي ۽ پرڏيهي وزارت بورڊ جي موضوع جو تفصيلي جائزو وٺي رهي آهي. واضح رهي ته بورڊ آف پيس جو پهريون اجلاس 19 فيبروري تي واشنگٽن ۾ منعقد ٿيڻو آهي.











