واشنگٽن- 12 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي دفاع وارو کاتو پينٽاگون وچ اوڀر ۾ هڪ ٻيو ايئر ڪرافٽ ڪيريئر اسٽرائيڪ گروپ مقرر ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق پينٽاگون ايئر ڪرافٽ ڪيريئر جي روانگي لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن جنهن جي مقرري امڪاني طور تي اوڀر واري سامونڊي ڪناري مان ٻن هفتن اندر ٿي سگهي ٿي. يو ايس ايس جارج ايچ ڊبليو بش ڪيريئر هن وقت ورجينيا جي سامونڊي ڪناري ويجهو …
پينٽاگون طرفان وچ اوڀر ۾ ٻئين ايئر ڪرافٽ ڪيريئر جي مقرري جون تياريون مڪمل

مزید خبریں
واشنگٽن- 12 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي دفاع وارو کاتو پينٽاگون وچ اوڀر ۾ هڪ ٻيو ايئر ڪرافٽ ڪيريئر اسٽرائيڪ گروپ مقرر ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق پينٽاگون ايئر ڪرافٽ ڪيريئر جي روانگي لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن جنهن جي مقرري امڪاني طور تي اوڀر واري سامونڊي ڪناري مان ٻن هفتن اندر ٿي سگهي ٿي. يو ايس ايس جارج ايچ ڊبليو بش ڪيريئر هن وقت ورجينيا جي سامونڊي ڪناري ويجهو تربيتي مشقون ڪري رهيو آهي، جن کي جلدي مڪمل ڪري سگهجي ٿو. آمريڪي فوج اڳ ۾ ئي وچ اوڀر ۾ پنهنجي موجودگي وڌائي ڇڏي آهي ۽ يو ايس ايس ابراهم لنڪن ڪيريئر اڳ ۾ ئي ڏکڻ چين جي سمنڊ مان روانو ٿي چڪو آهي.











