سعودي عرب جي ثقافت واري وزارت پاران سال 2029ع کي سعودي برطانوي ثقافتي سال قرار ڏيڻ جو اعلان

رياض- 12 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب جي ثقافت واري وزارت برطانيا جي ثقافت، ميڊيا ۽ اسپورٽس واري کاتي جي سهڪار سان سال 2029ع کي ”سعودي برطانوي ثقافتي سال“ قرار ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهو اعلان شهزاده وليم جي سعودي عرب جي پهرين سرڪاري دوري جي موقعي تي ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو فيصلو ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط سهڪار جي عڪاسي ڪري ٿو جن جون پاڙون …

رياض- 12 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب جي ثقافت واري وزارت برطانيا جي ثقافت، ميڊيا ۽ اسپورٽس واري کاتي جي سهڪار سان سال 2029ع کي ”سعودي برطانوي ثقافتي سال“ قرار ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهو اعلان شهزاده وليم جي سعودي عرب جي پهرين سرڪاري دوري جي موقعي تي ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو فيصلو ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط سهڪار جي عڪاسي ڪري ٿو جن جون پاڙون هڪ صدي کان وڌيڪ عرصي تي ٻڌل سفارتي رابطن ۾ آهن. تازن سالن ۾ ثقافتي مٽا سٽا سعودي برطانوي لاڳاپن جي بنياد طور اڀري آهي جيڪو ورثي جي تحفظ، تعميري فن ۽ اعليٰ تعليم ۾ گڏيل قدمن سبب ممڪن ٿيو، سال 2029ع کي گڏيل ثقافتي سال قرار ڏيڻ سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافتي ورثي جي حوالي سان تقريبون، تخليقي بحث ۽ مختلف پروگرام منعقد ٿيندا جنهن سان ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملندي. مملڪت جي ويزن سال 2030ع جي هدفن کي نظر ۾ رکندي سال 2029ع کي گڏيل ثقافتي سال قرار ڏيڻ سان ٻنهي دوست ملڪن وچ ۾ ثقافتي شعبن ۾ به لاڳاپا مضبوط ٿيندا.

مزید خبریں