بيجنگ-11 جنوري (اي پي پي) چين، لانگ مارچ 10 راڪٽ ڪالوايلٽي ٽيوڊ اڏام جو تجربو ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چائنا مينڊاسپيس انجينئرنگ آفيس ٻڌايو ته هائي نان صوبي جي وين ڇانگ اسپيس لانچ سائٽ تي لانگ مارچ 10- لانچ وهيڪل سسٽم جو لوايلٽي ٽيوڊ اڏام تجربو ۽ ”منگ چو“ نالي مينيڊاسپيس ڪرافٽ سسٽم جو ايمرجنسي اسڪيپ (هنگامي بچاءُ) ٽيسٽ ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو. آزمائش …
چين پاران لانگ مارچ 10 راڪٽ ڪالوايلٽي ٽيوڊ اڏام جو ڪامياب تجربو

مزید خبریں
بيجنگ-11 جنوري (اي پي پي) چين، لانگ مارچ 10 راڪٽ ڪالوايلٽي ٽيوڊ اڏام جو تجربو ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چائنا مينڊاسپيس انجينئرنگ آفيس ٻڌايو ته هائي نان صوبي جي وين ڇانگ اسپيس لانچ سائٽ تي لانگ مارچ 10- لانچ وهيڪل سسٽم جو لوايلٽي ٽيوڊ اڏام تجربو ۽ ”منگ چو“ نالي مينيڊاسپيس ڪرافٽ سسٽم جو ايمرجنسي اسڪيپ (هنگامي بچاءُ) ٽيسٽ ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو. آزمائش دوران خلائي جهاز، اڏام جي ان مرحلي تي جڏهن هوا جو دٻاءُ سڀ کان وڌيڪ هوندو آهي، ڪاميابي سان راڪٽ کان ڌار ٿي محفوظ طريقي سان بچاءَ جو عمل مڪمل ڪيو. بعد ۾ خلائي جهاز جو ڪيپسول سمنڊ ۾ حفاظت سان لٿو. ريسڪيو ٽيمن سمنڊ ۾ لهندڙ ڪيپسول کي ڪاميابي سان تلاش ڪري ورتو. اهو پهريون موقعو آهي ته چين، سمنڊ ۾ ڪنهن انساني خلائي جهاز جي تلاش ۽ بازيابي جي مشق ڪئي آهي. اهو تجربو مستقبل جي انسان بردار چنڊ جي تحقيق جي مشنز لاءِ انتهائي قيمتي مواد فراهم ڪري ٿو.











