نئين دهلي-11 جنوري (اي پي پي) ڪانگريس جي صدر ملڪ ارجن کرگي ڀارت آمريڪي واپاري معاهدي تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته مودي حڪومت ملڪ جي مفادن کي نظر انداز ڪيو آهي ۽ عوام سان دوکو ڪيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ملڪارجن کرگي چيو ته ان معاهدي ذريعي ملڪ جي اسٽريٽجڪ مفادن کي قربان ڪيو ويو آهي، مودي حڪومت آمريڪا اڳيان بيوس ٿي وئي ۽ ملڪ کي …
مودي حڪومت ملڪ کي آمريڪا وٽ گروي رکي ڇڏيو آهي: ڪانگريس

مزید خبریں
نئين دهلي-11 جنوري (اي پي پي) ڪانگريس جي صدر ملڪ ارجن کرگي ڀارت آمريڪي واپاري معاهدي تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته مودي حڪومت ملڪ جي مفادن کي نظر انداز ڪيو آهي ۽ عوام سان دوکو ڪيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ملڪارجن کرگي چيو ته ان معاهدي ذريعي ملڪ جي اسٽريٽجڪ مفادن کي قربان ڪيو ويو آهي، مودي حڪومت آمريڪا اڳيان بيوس ٿي وئي ۽ ملڪ کي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ڪانگريس صدر سماجي رابطن جي سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته بي جي پي حڪومت هاڻي معاهدي ڪري ڦاسجي وئي آهي، وزيراعظم نريندر مودي ملڪ جي مفادن کي آمريڪا وٽ گروي رکي ڇڏيو آهي جنهن جو ملڪ جي معيشت تي اثر پوندو. هن چيو ته آمريڪا روس جي تيل جي خريداري نه ڪرڻ جي به پابندي لاڳو ڪئي وئي اهي جيڪا اسان جي خودمختياري جي خلاف آهي. ڪانگريس صدر وڌيڪ چيو ته روس کان تيل جي خريداري نه ڪرڻ جي شرط تي ئي ٽيرف ۾ وڌيڪ 25 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي، مودي حڪومت ملڪ جي اقتدار اعليٰ کي به نقصان پهچايو آهي ۽ آبادگارن ۽ ملڪ جي معيشت تي ڌيان ڏيڻ بدران آمريڪي دٻاءُ ۾ اچي پاڻ کي ان جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.











