بيجنگ-11 جنوري (اي پي پي) چين اليڪٽرڪ گاڏين جو دنيا جو سڀ کان وڏو چارجنگ نيٽ ورڪ قائم ڪري ورتو آهي ۽ ملڪ ۾ هلندڙ سال نيو انرجي گاڏين جي شرح 15 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هاڻوڪن سالن ۾ گهٽ لاڳت، ماحول دوست ۽ سمارٽ ڪارڪردگي جهڙين خوبين جي ڪري نيوانرجي گاڏيون چين جي صارف مارڪيٽ ۾ تيزي سان مقبول ٿي رهيون آهن، 2025ع تائين …
چين ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جو دنيا جو سڀ کان وڏو چارجنگ نيٽ ورڪ قائم، هلندڙ سال نيو انرجي گاڏين جي شرح 15 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان

مزید خبریں
بيجنگ-11 جنوري (اي پي پي) چين اليڪٽرڪ گاڏين جو دنيا جو سڀ کان وڏو چارجنگ نيٽ ورڪ قائم ڪري ورتو آهي ۽ ملڪ ۾ هلندڙ سال نيو انرجي گاڏين جي شرح 15 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هاڻوڪن سالن ۾ گهٽ لاڳت، ماحول دوست ۽ سمارٽ ڪارڪردگي جهڙين خوبين جي ڪري نيوانرجي گاڏيون چين جي صارف مارڪيٽ ۾ تيزي سان مقبول ٿي رهيون آهن، 2025ع تائين چين جي مارڪيٽ ۾ نيو انرجي گاڏين جي شرح 12 سيڪڙو تائين پهچي وئي ۽ اميد آهي ته سال 2026ع ۾ اها شرح 15 سيڪڙو ٿي ويندي. رپورٽ موجب ڊگهي فاصلي جي سفر ۽ ڏورانهن علائقن ۾ چارجنگ سهولت جي دستيابي صارفين لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي رهيو آهي، پر چين ۾ چارجنگ نيٽ ورڪ جي مسلسل توسيع ۽ بهتري سان اهو مسئلو آهستي آهستي ختم ٿيندو پيو وڃي. انگن اکرن موجب چين اليڪٽرڪ گاڏين جو دنيا جو سڀ کان وڏو چارجنگ نيٽ ورڪ قائم ڪري ورتو آهي.











