اوٽاوا-11 فيبروري(اي پي پي)ڪينيدا ۾ هڪ اسڪول تي فائرنگ سبب 9 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن . پرڏيهي ميڊيا موجب واقعو ملڪ جي اولهندي علائقي برٽش ڪولمبيا جي شهر مبلرريج ۾ پيش آيو. رائل ڪينيڊين پوليس جو اهو به چوڻ آهي ته ان علائقي ۾ هڪ شخص جو لاش مليو آهي جنهن جي باري ۾ پوليس جو خيال آهي ته ان اسڪول تي فائرنگ ڪئي ۽ بعد ۾ پاڻ کي …
ڪينيڊا جي اسڪول ۾ فائرنگ،9 ڄڻا اجل جو شڪار

مزید خبریں
اوٽاوا-11 فيبروري(اي پي پي)ڪينيدا ۾ هڪ اسڪول تي فائرنگ سبب 9 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن . پرڏيهي ميڊيا موجب واقعو ملڪ جي اولهندي علائقي برٽش ڪولمبيا جي شهر مبلرريج ۾ پيش آيو. رائل ڪينيڊين پوليس جو اهو به چوڻ آهي ته ان علائقي ۾ هڪ شخص جو لاش مليو آهي جنهن جي باري ۾ پوليس جو خيال آهي ته ان اسڪول تي فائرنگ ڪئي ۽ بعد ۾ پاڻ کي گولي هڻي ڇڏي. پوليس ترجمان موجب 27 زخمين مان ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. واقعي کانپوءِ پوليس کي الرٽ جاري ڪيو هيو. اطلاع ملڻ تي پوليس ٽيمون ٿڏي تي پهچي ويون ۽ اسڪول جي تلاشي دوران 6 ڄڻن جا لاش مليا انهن ۾ حملو ڪندڙ موجود نه هيا هڪ زخمي اسپتال منتقل دوران ٿڏي تي فوت ويو. پوليس جو اهو به چوڻ آهي ته اسڪول جي اندر اسٽاف لاءِ ٺاهيل گهر مان ٻن ڄڻن جا لاش مليا آهن. خيال اهو پيو ڪيو وڃي ته انهن کي به اسڪول ۾ فائرنگ ڪندڙ نشانو بڻايو آهي. ڪينيدا جي مقامي ميڊيا اهو به رپورٽ ڪيو آهي ته حملو ڪندڙ عورت هئي.











