تهران -11 فيبروري (اي پي پي) ايران اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي آمريڪا جي دوري کان اڳ سفارتي ڪوششن تي تباه ڪن دٻاءَ ۽ اثرن جي حوالي سان خبردار ڪيو آهي. جتي اميد آهي ته هو آمريڪي، ايران جي ڳالهين تي ڌيان ڇڪرائيندو. پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جي پرڏيهي وزارت ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته تهران ڪنهن تيز رفتار نتيجي تائين پهچڻ لاءِ ڳالهيون ڪري رهيو …
اسرائيل جي وزيراعظم جو آمريڪا جو دورو، ايران ڳالهين تي تباهه ڪن اثرن کان خبردار ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
تهران -11 فيبروري (اي پي پي) ايران اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي آمريڪا جي دوري کان اڳ سفارتي ڪوششن تي تباه ڪن دٻاءَ ۽ اثرن جي حوالي سان خبردار ڪيو آهي. جتي اميد آهي ته هو آمريڪي، ايران جي ڳالهين تي ڌيان ڇڪرائيندو. پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جي پرڏيهي وزارت ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته تهران ڪنهن تيز رفتار نتيجي تائين پهچڻ لاءِ ڳالهيون ڪري رهيو آهي ۽ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ خطي جي ملڪن جي ڪوششن کي ساراهيو ويو آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته جنهن ڌر سان اسان ڳالهيو ڪري رهيا آهيون اها آمريڪا آهي ۽ اهو ان جو فيصلو آهي ته هو ان تباهه ڪن دٻاءُ ۽ اثرن کان آزاد ٿي ڪم ڪري جيڪا خطي کي نقصان پهچائي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته يهودي حڪومت هڪ تخريبڪار طور اسان جي خطي ۾ امن طرف ڪيل ڪنهن به سفارتي عمل جي مخالفت ڪئي آهي.











