واشنگٽن -11 فيبروري(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان جاري ڳالهيون ناڪام ٿين ٿيون ته وچ اوڀر ۾ امڪاني ڪارروائي لاءِ هڪ ٻيو جهازبردار بحري ٻيڙو موڪلڻ تي غور ڪري رهيا آهيون. پرڏيهي ميڊيا موجب هڪ انٽرويو ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسان جو بحري ٻيڙو اڳ ئي اتي وڃي رهيو آهي. ممڪن آهي ته ٻيو به موڪيلو وڃي. هن چيو ته آمريڪا ايران سان …
آمريڪا پاران ايران سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ ٻيو جهاز بردار سامونڊي ٻيڙو موڪلڻ تي غور

مزید خبریں
واشنگٽن -11 فيبروري(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان جاري ڳالهيون ناڪام ٿين ٿيون ته وچ اوڀر ۾ امڪاني ڪارروائي لاءِ هڪ ٻيو جهازبردار بحري ٻيڙو موڪلڻ تي غور ڪري رهيا آهيون. پرڏيهي ميڊيا موجب هڪ انٽرويو ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسان جو بحري ٻيڙو اڳ ئي اتي وڃي رهيو آهي. ممڪن آهي ته ٻيو به موڪيلو وڃي. هن چيو ته آمريڪا ايران سان سفارتي ڳالهيون جاري رکندو ۽ اضافي فوجي مقرر ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي. هن چيو ته يا ته اسان معاهدو ڪيون يا اسان پهرين وانگر سخت قدم کڻون ۽ اشارو ڏنو ته هڪ ٻيو جهاز خطي طرف روانو ڪري سگهجي ٿو. هن وقت جهاز بردار بحري ٻيڙو ابراهم لنڪن ۽ گائيڊيڊ ميزائل ڊسٽرائيرز اڳ ئي وچ اوڀر ۾ مقرر ڪيا ويا آهن. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ گذريل هفتي عمان ۾ ڳالهيون ٿيون هيون ۽ ٻنهي ڌرين ڳالهين جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو هيو جڏهن ته ايندڙ ڳالهين جي تاريخ ۽ هنڌ جو اعلان ناهي ڪيو ويو.











