رياض -10 فيبروري (اي پي پي) برطانيه جو شهزادو وليم سعودي عرب جي پنهنجي پهرين سرڪاري دوري تي رياض پهچي ويو آهي. سندس اهو دورو برطانيه ۽ سعودي عرب وچ ۾ ان خاص تعلق جي تجديد آهي جيڪو سندس ڏاڏي ملڪه الزبٿ (ٻه) جي شروعاتي حڪومت جي زماني ۾ قائم ٿيو هو. پرڏيهي ميڊيا موجب برطانوي شاهي محل پاران گذريل ڏينهن ٻڌايو ويو ته شهزاده وليم پاران سعودي عرب جي …
برطانوي شهزادو وليم 3 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سعودي عرب پهچي ويو

مزید خبریں
رياض -10 فيبروري (اي پي پي) برطانيه جو شهزادو وليم سعودي عرب جي پنهنجي پهرين سرڪاري دوري تي رياض پهچي ويو آهي. سندس اهو دورو برطانيه ۽ سعودي عرب وچ ۾ ان خاص تعلق جي تجديد آهي جيڪو سندس ڏاڏي ملڪه الزبٿ (ٻه) جي شروعاتي حڪومت جي زماني ۾ قائم ٿيو هو. پرڏيهي ميڊيا موجب برطانوي شاهي محل پاران گذريل ڏينهن ٻڌايو ويو ته شهزاده وليم پاران سعودي عرب جي پهرين دوري جو مقصد واپار، توانائي ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن جو جشن ملهائڻ آهي. سعودي عرب ۾ سندس شيڊيول واضح ناهي ڪيو. ميڊيا موجب سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلام الدرعيه ۾ برطانوي شهزاده وليم جي آجيان ڪئي ۽ کيس يونيسيڪو جي عالمي ثقافتي ورثي جي فهرست ۾ شامل تاريخي هنڌ الطريف جو دورو ڪرايو. الطيف، درعيه ڊسٽرڪٽ جي مرڪز ۾ رياض جي اتر اولهه ۾واقع آهي ۽ سعودي عرب جي اهم تاريخي ماڳن مان هڪ آهي. ياد رهي ته الطريف ۾ سعودي رياست جو بنياد رکيو ويو هئو ۽ اهي پهرين سعودي رياست جي باني امام مهمد بن سعود جي زماني ۾ رياست جو گادي وارو هنڌ هو. ان دوري ۾ شهزاده وليم تاريخي الطريف ڊسٽرڪٽ ۾ نجدي طرز تعمير جي نمائش، پهرين سعودي رياست جي امامن ۽ شهزادن جون محلاتون به ڏٺيون. امام قصر سلوي سامهون هڪ يادگاري تصوير به ڪڍرائي جيڪا پهرين سعودي رياست دوران حڪومت جي مرڪز طور ڪم ڪندڙ تاريخي محلن مان هڪ آهي. اند وري ۾ الدرعيه ماسٽر پلان بابت هڪ پريزنٽيشن به شامل آهي.











