نيويارڪ -09 فيبروري (اي پي پي) مشهور آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ گذريل ڏينهن اعلان ڪيو ته سندس چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سي اي او ۽ پبلشر وِل ليوس فوري طور تي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، پرڏيهي ميديا موجب اها اڳڀرائي اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن ڪجهه ڏينهن اڳ ئي اخبار وڏي پئماني تي نوڪرين جي خاتمي جو اعلان ڪيو هو، جنهن تي عوام ۽ صحافتي حلقن …
واشنگٽن پوسٽ مان ڪيترن ئي صحافين جي برطرفي بعد سي اي او وِل ليوس استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

مزید خبریں
نيويارڪ -09 فيبروري (اي پي پي) مشهور آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ گذريل ڏينهن اعلان ڪيو ته سندس چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سي اي او ۽ پبلشر وِل ليوس فوري طور تي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، پرڏيهي ميديا موجب اها اڳڀرائي اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن ڪجهه ڏينهن اڳ ئي اخبار وڏي پئماني تي نوڪرين جي خاتمي جو اعلان ڪيو هو، جنهن تي عوام ۽ صحافتي حلقن پاران شديد ردعمل سامهون آيو هو. ارب پتي بزنس مين ۽ ايمازون جي باني جيف بيزوس جي ملڪيت ۾ موجود ان تاريخي اخبار کي گذريل ڪيترن ئي سالن کان مالي ڏکيائيون درپيش هيون. جيتوڻيڪ سڄي آمريڪا ۾ اخبارن جي گهٽجندڙ آمدني ۽ سبسڪرپشن ۾ گهٽتائي جهڙا مسئلا درپيش آهن، پر ول ليوس جي ٻن سالن جي قيادت واري دور دوران ڪيل فيصلن تي ملازمن ۽ سبسڪرائيبرز طرفان سخت تنقيد ٿي رهي هئي. هن تي الزام لڳايو ويو ته هو مالي خسارو گهٽائڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ اداري جي قدرن کي نقصان پهتو. واشنگٽن پوسٽ موجب وِل ليوس جي جاءِ تي جيف ڊي آنو فريو کي نئون سي اي او ۽ پبلشر مقرر ڪيو ويو آهي.











