جاپان ۾ پارلياماني چونڊن ۾ حڪمران اتحاد ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪري ورتي

ٽوڪيو -09 فيبروري (اي پي پي) جاپان جي نمائندن واري ايوان جي چونڊن ۾ لبرل ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي ۽ جاپان انوويشن پارٽي تي ٻڌل حڪمران اتحاد ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪري ورتي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق وزيراعظم سانائي تاڪائيچي جي لبرل ڊيموڪريٽڪ پارٽي 465 مان 316 سيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته جاپان انوويشن پارٽي کي 36 سيٽون حاصل ٿيون. مخالف ڌر جي پارٽين جي حوالي سان آئيني ڊيموڪريٽڪ پارٽي …

ٽوڪيو -09 فيبروري (اي پي پي) جاپان جي نمائندن واري ايوان جي چونڊن ۾ لبرل ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي ۽ جاپان انوويشن پارٽي تي ٻڌل حڪمران اتحاد ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪري ورتي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق وزيراعظم سانائي تاڪائيچي جي لبرل ڊيموڪريٽڪ پارٽي 465 مان 316 سيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته جاپان انوويشن پارٽي کي 36 سيٽون حاصل ٿيون. مخالف ڌر جي پارٽين جي حوالي سان آئيني ڊيموڪريٽڪ پارٽي ۽ ڪوميتو جي ڀائيواري سان قائم نئين پارٽي 49 سيٽون حاصل ڪيون. جاپان جي پارليامينٽ جي هيٺين ايوان جي 465 سيٽن لاءِ گذريل ڏينهن ووٽ وڌا ويا، ان ڪاميابي بعد سانائي تاڪائيچي جي ٻيهر وزيراعظم بڻجڻ جا امڪان روشن ٿي ويا جڏهن ته ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت کان پوءِ قانونسازي ۾ آساني جي به اميد آهي.

مزید خبریں