ڀارت ۾ سوشل ميڊيا لاءِ رِيل ٺاهيندي عورت  جو پير ترڪي پيوکيس سچ ۾ ڦاهي اچي وئي

نئين دهلي -09 فيبروري (اي پي پي) ڀارت ۾ هڪ عورت سوشل ميڊيا لاءِ گلي ۾ ڦاهو وجهي رِيل ٺاهيندي پير ترڪڻ سبب سچ ۾ ڦاهي اچي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب اتر پرديش رياست جي علائقي بابيرو ٽائون ۾ اهو واقعو گذريل ڏينهن پيش آيو. پوليس مطابق 27 سالن جي موهني ايڪٽنگ لاءِ ساڙهي کي پکي ۾ ٻڌو ۽ ڦاهو ٺاهي گلي ۾ ڦاسايو. ان وقت سندس 4 سالن جي …

نئين دهلي -09 فيبروري (اي پي پي) ڀارت ۾ هڪ عورت سوشل ميڊيا لاءِ گلي ۾ ڦاهو وجهي رِيل ٺاهيندي پير ترڪڻ سبب سچ ۾ ڦاهي اچي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب اتر پرديش رياست جي علائقي بابيرو ٽائون ۾ اهو واقعو گذريل ڏينهن پيش آيو. پوليس مطابق 27 سالن جي موهني ايڪٽنگ لاءِ ساڙهي کي پکي ۾ ٻڌو ۽ ڦاهو ٺاهي گلي ۾ ڦاسايو. ان وقت سندس 4 سالن جي ڌيءَ به ڪمري ۾ موجود هئي. پوليس واقعي جي حوالي سان ٻڌايو ته عورت پنهنجو توازن برقرار نه رکي سگهي ۽ سندس پير ترڪي پيو، جنهن جي نتيجي کيس ڦاهي اچي وئي. پوليس لاش تحويل وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ موڪلي ڇڏيو.

مزید خبریں