عالمي مارڪيٽ ۾ سون ۽ چاندي جي اگهن ۾ نمايان اضافو رڪارڊ

نيويارڪ -09 فيبروري (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ سون ۽ چاندي جي اگهن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سومر ڏينهن ڪاروباري سرگرمين دوران اسپاٽ گولڊ جي قيمت 1.4 سيڪڙو وڌي 5029.09 آمريڪي ڊالر في اونس تائين پهچي وئي جڏهن ته اپريل جي رسد لاءِ آمريڪي سون جي فيوچرز ۾ به 1.4 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ اهو 5051.0 آمريڪي ڊالر في اونس تي بند ٿيو.  اهڙي …

نيويارڪ -09 فيبروري (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ سون ۽ چاندي جي اگهن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سومر ڏينهن ڪاروباري سرگرمين دوران اسپاٽ گولڊ جي قيمت 1.4 سيڪڙو وڌي 5029.09 آمريڪي ڊالر في اونس تائين پهچي وئي جڏهن ته اپريل جي رسد لاءِ آمريڪي سون جي فيوچرز ۾ به 1.4 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ اهو 5051.0 آمريڪي ڊالر في اونس تي بند ٿيو.  اهڙي طرح چاندي جي قيمتن ۾ به تيزي برقرار رهي، اسپاٽ سلور گذريل سيشن ۾ 10 سيڪڙو اضافي کان پوءِ وڌيڪ 2.5 سيڪڙو وڌي وئي. ٻين قيمتي ڌاتن ۾ پلاٽينم جي قيمت 1.8 سيڪڙو اضافي سان  2134.18 آمريڪي ڊالر في اونس تائين پهچي وئي جڏهن ته پيلاڊيم 1.8 سيڪڙو وڌي 1737.75  آمريڪي ڊالر تي اچي وئي. ماهرن موجب ڊالر جي ڪمزوري ۽ سيڙپڪارن جي محفوظ سيڙپڪاري ڏانهن وڌندڙ دلچسپي قيمتي ڌاتن جي اگهن ۾ اضافي جو اهم سبب آهي.

مزید خبریں