گڏيل قومون-07 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش پاڪستان جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ هڪ مسجد ۾ ٿيل حملي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي نائب ترجمان فرحان حق طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو ته سيڪريٽري جنرل جمعي تي اسلام آباد ۾ مسجد ۾ عبادت لاءِ گڏ ٿيل نمازين تي ڪيل حملي جي شديد …
گڏيل قومن پاران پاڪستان ۾ مسجد تي حملي جي شديد مذمت

مزید خبریں
گڏيل قومون-07 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش پاڪستان جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ هڪ مسجد ۾ ٿيل حملي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي نائب ترجمان فرحان حق طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو ته سيڪريٽري جنرل جمعي تي اسلام آباد ۾ مسجد ۾ عبادت لاءِ گڏ ٿيل نمازين تي ڪيل حملي جي شديد مذمت ڪري ٿو. بيان ۾ زور ڀريو ويو ته شهرين ۽ عبادتگاهن کي نشانو بڻائڻ قبول جوڳو ناهي ۽ ان حملي جي ذميوارن جي نشاندهي ڪرين انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي. بيان مطابق سيڪريٽري جنرل حملي ۾ شهيد ٿيلن جي خاندان واسين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلدي ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. گڏيل قومن جي سربراهه دهشتگردي ۽ پرتشدد انتهاپسندي خلاف جدوجهد ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي جو ورجاءُ به ڪيو.











