جيفري ايپسٽن سان دوستي تي ناروي جي ولي عهد شهزادي پاران خاندان سان معذرت

اوسلو-07 جنوري (اي پي پي) ناروي جي ولي عهد شهزادي ميٽ – ماريٽ انهن ماڻهن سان معذرت ڪئي آهي جن کي هن مايوس ڪيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها معذرت جنسي ڏوهه ڪندڙ آمريڪي ارب پتي جيفري ايپسٽن سان سندس ماضي جي رابطن جي جانچ پڙتال ۽ ان صورتحال تي سامهون آئي آهي جنهن ۾ هن شاهي خاندان کي وڪوڙيو آهي. ايپسٽن سان ميٽ – ماريٽ جي رابطن شهزادي کي گذريل …

اوسلو-07 جنوري (اي پي پي) ناروي جي ولي عهد شهزادي ميٽ – ماريٽ انهن ماڻهن سان معذرت ڪئي آهي جن کي هن مايوس ڪيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها معذرت جنسي ڏوهه ڪندڙ آمريڪي ارب پتي جيفري ايپسٽن سان سندس ماضي جي رابطن جي جانچ پڙتال ۽ ان صورتحال تي سامهون آئي آهي جنهن ۾ هن شاهي خاندان کي وڪوڙيو آهي. ايپسٽن سان ميٽ – ماريٽ جي رابطن شهزادي کي گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڌيان جو مرڪز بڻايو آهي. ان ئي دوران سندس پٽ هلندڙ هفتي ريپ جي الزام سميت ڪيترن ئي ڏوهن جي سلسلي ۾ عدالت ۾ پيش ٿيو آهي. ايپسٽن جي فائلن ۾ شهزادي جو ذڪر ڪيترائي ڀيرا آيو آهي ۽ پرڏيهي ميڊيا مطابق هو 2019ع ۾ اڳ ۾ ئي ايپسٽن سان پنهنجن رابطن تي پشيماني جو اظهار ڪري چڪي هئي. دستاويز، جن ۾ اي ميلز جي ڏي وٺ به شامل آهي، ظاهر ڪري ٿي ته ميٽ ماريٽ 2013ع ۾ ڪيترن ئي ڏينهن لاءِ فلوريڊا جي پام بيچ ۾ ايپسٽن جو گهر ڪرائي تي ورتو هو. شاهي محل مان جاري بيان ۾ ميٽ ماريٽ چيو ته مان ان صورتحال تي پنهنجي معذرت ورجايان ٿي جنهن ۾ مان شاهي خاندان، خاص طور تي بادشاهه ۽ راڻي کي وڌو آهي. ناروي جي وزيراعظم سومر تي چيو هو ته ميٽ ماريٽ ۽ ٻين مشهور نارويجن شخصيتن، جن جا نالا ايپسٽن بابت شايع ٿيل تازن دستاويزن ۾ آيا آهن، کين پنهنجي مبينا شموليت بابت وڌيڪ تفصيل فراهم ڪرڻ گهرجي.

مزید خبریں