پيرس-06 جنوري (اي پي پي) فرانس جي گادي واري شهر پيرس ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي انتظام هيٺ يوم يڪجهتي ڪشمير جي تقريب ۾ فرانس ۾ پاڪستان جي سفير ممتاز زهره بلوچ، فرانس جي شهرين ۽ پاڪستاني ۽ ڪشميري پرڏيهين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪيو ويو. تقريب ۾ صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم …
پيرس ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ يوم يڪجهتي ڪشمير جي تقريب، فرانس جي اختيارين، شهرين ۽ پاڪستانين جي وڏي انگ ۾ شرڪت

مزید خبریں
پيرس-06 جنوري (اي پي پي) فرانس جي گادي واري شهر پيرس ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي انتظام هيٺ يوم يڪجهتي ڪشمير جي تقريب ۾ فرانس ۾ پاڪستان جي سفير ممتاز زهره بلوچ، فرانس جي شهرين ۽ پاڪستاني ۽ ڪشميري پرڏيهين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪيو ويو. تقريب ۾ صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جا پيغام پڙهي ٻڌايا ويا. ان موقعي تي هڪ دستاويزي فلم ڏيکاري وئي جنهن ۾ ڪشمير تڪرار جي شروعات ۽ غير قانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي جاري ظلمن تي روشني وڌي وئي. مقررن ڀارتي قبضي مان آزادي جي جدوجهد ۾ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي ماڻهن جي مثالي بهادري ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو. مقررن 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪ طرفن ۽ غير قانوني قدمن کي ڪشميرين جي خوداراديت واري حق تي هڪ ٻيو حملو قرار ڏنو. هنن عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو ڪشميري عوام تي ڪيل ظلم تي ڀارت کان پڇاڻو ڪري. ان موقعي تي سفير ممتاز زهره بلوچ چيو ته پاڪستان جو عوام، حڪومت، پاڪستاني ۽ ڪشميري هر سال يوم يڪجهتي ڪشمير ملهائيندا آهن ته جيئن ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي ماڻهن سان پنهنجي محبت جي تجديد ۽ انهن جي خوداراديت واري حق جي عزم جو ورجاءُ ڪري سگهجي. هن فرانس ۾ رهندڙ پاڪستاني ۽ ڪشميري ڪميونٽي پاران ڪشمير ڪاز جي حمايت ۾ ادا ڪيل ڪردار کي به ساراهيو ۽ کين چيو ته هو پنهنجي ايندڙ نسلن کي ڪشمير جي تاريخ ۽ ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کان آگاهه ڪن.











