ماسڪو-06 فيبروري (اي پي پي) روس جوابي ڪارروائي ڪندي جرمني جي سفارتڪارن کي اڻوڻندڙ شخصيت قرار ڏئي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا روس جي پرڏيهي وزير جي حوالي سان ٻڌايو ته هن هڪ جرمن سفارتڪار کي ملڪ بدر ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت موجب جرمن سفارتخاني جي هڪ سفارتي اهلڪار کي اڻوڻندڙ شخصيت قرار ڏنو ويو آهي. جيڪو جرمني جي تڪراري قدمن تي جوابي رد عمل آهي. واضح رهي …
روس پاران جوابي قدم، جرمن سفارتڪارن کي ملڪ بدر ڪرڻ جو اعلان

مزید خبریں
ماسڪو-06 فيبروري (اي پي پي) روس جوابي ڪارروائي ڪندي جرمني جي سفارتڪارن کي اڻوڻندڙ شخصيت قرار ڏئي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا روس جي پرڏيهي وزير جي حوالي سان ٻڌايو ته هن هڪ جرمن سفارتڪار کي ملڪ بدر ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت موجب جرمن سفارتخاني جي هڪ سفارتي اهلڪار کي اڻوڻندڙ شخصيت قرار ڏنو ويو آهي. جيڪو جرمني جي تڪراري قدمن تي جوابي رد عمل آهي. واضح رهي ته جرمني جنوري ۾ روس جي سفير کي طلب ڪيو هيو ۽ روس جي هڪ سفارتڪار کي ملڪ بدر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هيو. جنهن تي الزام هيو ته هو هڪ عورت جي جاسوسي نيٽ ورڪ جو نگران هيو جنهن کي جاسوسي جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو هيو. روس ان وقت به انهن الزامن کي بي بنياد قرار ڏيندي جوابي ڪاروائي جو اشارو ڏنو هيو.











