برازيل ۾ زائرين جي بس کي حادثو ، 16 ماڻهو اجل جو شڪار

برازيليا-04 فيبروري (اي پي پي) برازيليا جي رياست الاغواس ۾ مذهبي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ شرڪت کان واپس ايندڙ بس جي حادثي ۾ 4 ٻارن سميت 16 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا . ميڊيا رپورٽن مطابق اختيارين ٻڌايو ته  حادثو گذريل ڏينهن ان وقت پيش آيو جڏهن  60 ماڻهن کي کڻي ايندڙ بس الاغواس رياست  جي ٻهراڙي واري علائقي ۾ ڪلٽي ٿي وئي . الاغواس جي علائقائي حڪومت جاري …

برازيليا-04 فيبروري (اي پي پي) برازيليا جي رياست الاغواس ۾ مذهبي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ شرڪت کان واپس ايندڙ بس جي حادثي ۾ 4 ٻارن سميت 16 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا . ميڊيا رپورٽن مطابق اختيارين ٻڌايو ته  حادثو گذريل ڏينهن ان وقت پيش آيو جڏهن  60 ماڻهن کي کڻي ايندڙ بس الاغواس رياست  جي ٻهراڙي واري علائقي ۾ ڪلٽي ٿي وئي . الاغواس جي علائقائي حڪومت جاري ڪيل  بيان ۾ چيو آهي ته حادثي ۾ 7 عورتون ، 5 مرد ۽ 4 ٻار اجل جو شڪار ٿيا آهن . حادثي کان پوءِ  الاغواس جي گورنر  ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيندي  سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي چيو  آهي ته اسان ڏک جي هن گهڙي ۾ متاثرڪٽنبن سان گڏ آهيون.