ايٿنز - 04 فيبروري (اي پي پي) يونان ۽ ترڪيه وچ ۾ ايجيئن سمنڊ ۾ يونان جي ڪوسٽ گارڊز جي سامونڊي جھاز ۽ پناهگيرن کي کڻي ويندڙ ٻيڙي وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 14 ماڻھو فوت ٿي ويا آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق ڪوسٽ گارڊز جي عھديدار ٻڌايو آھي ته حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن پورٽ پوليس جو گشتي جھاز تيز رفتار ننڍي ٻيڙي سان ٽڪرائجي ويو. ڪوسٽ گارڊز …
ايجيئن سمنڊ ۾ يوناني ڪوسٽ گارڊ جو سامونڊي جھاز ۽ پناهگيرن جي ٻيڙي وچ ۾ ٽڪر، 14 ماڻهو فوت
ايٿنز – 04 فيبروري (اي پي پي) يونان ۽ ترڪيه وچ ۾ ايجيئن سمنڊ ۾ يونان جي ڪوسٽ گارڊز جي سامونڊي جھاز ۽ پناهگيرن کي کڻي ويندڙ ٻيڙي وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 14 ماڻھو فوت ٿي ويا آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق ڪوسٽ گارڊز جي عھديدار ٻڌايو آھي ته حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن پورٽ پوليس جو گشتي جھاز تيز رفتار ننڍي ٻيڙي سان ٽڪرائجي ويو. ڪوسٽ گارڊز مطابق حادثي ۾ ڪوسٽ گارڊ جا 2 اھلڪار پڻ زخمي ٿيا آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي، جڏھن ته حادثي ۾24 پناهگيرن کي بچايو ويو آھي. يوناني ڪوسٽ گارڊ جي پٽرولنگ شپ پناهگيرن جي ٻيڙي کي ڏسڻ کانپوءِ وارننگ سگنل ڏنو پر ٻيڙي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ تيز رفتار سبب سامونڊي جهاز سان ٽڪرائجي وئي.











