بيجنگ _ 4 فيبروري (اي پي پي ) چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ ثقافتي نظريات بابت مرڪز شي جن پنگ جي سالياني علمي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ثقافتي نظريات بابت مرڪز شي جن پنگ جي سالياني علمي ڪانفرنس ۾ شريڪ ماهرن چيو ته ثقافت بابت شي جن پنگ جو نظريو چيني ثقافتي عمل جو هڪ نظرياتي خلاصو آهي، جيڪو ثقافتي طورتي مضبوط قوم جي تعمير لاءَ هڪ طاقتور …
چين ثقافتي نظريات بابت جن پنگ تحقيقي مرڪز جي سالياني علمي ڪانفرنس، 100 کان وڌيڪ ماهرن ۽ اسڪالرز جي شرڪت
بيجنگ _ 4 فيبروري (اي پي پي ) چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ ثقافتي نظريات بابت مرڪز شي جن پنگ جي سالياني علمي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ثقافتي نظريات بابت مرڪز شي جن پنگ جي سالياني علمي ڪانفرنس ۾ شريڪ ماهرن چيو ته ثقافت بابت شي جن پنگ جو نظريو چيني ثقافتي عمل جو هڪ نظرياتي خلاصو آهي، جيڪو ثقافتي طورتي مضبوط قوم جي تعمير لاءَ هڪ طاقتور نظرياتي هٿيار ۽ سائنسي عمل جي رهنمائي فراهم ڪري ٿو. ماهرن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته عالمي علمي مٽا سٽا ۽ سهڪار کي مضبوط بڻائڻ، ثقافت تي شي جن پنگ جي نظريات کي لاڳاپيل مضمون جو بنيادي علمي عنصر ۾ تبديل ڪرڻ، چيني فلسفي ۽ سماجي علم لاءِ هڪ آزاد علمي نظام جي تعمير لاءِ رهنمائي ڪرڻ ضروري آهي. ڪانفرنس ۾ سوشل سائنسز جي تحقيقي ادارن ۽ يونيورسٽين جي 100 کان وڌيڪ ماهرن ۽ اسڪالرز شرڪت ڪئي .











