واشنگٽن-02 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي تازين ڌمڪين ۾ چيو آهي ته آمريڪا جا طاقتور ۽ وڏا سامونڊي جهاز وچ اوڀر ڏانهن وڌي رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايئر فورس ون ۾ صحافين سان ڳالهائڻ دوران جڏهن کانئس ايران بابت موجوده پوزيشن جي حوالي سان پڇيو ويو ته صدر ٽرمپ چيو ته هو ان حوالي سان حتمي ڳالهه نه ٿو چئي سگهي پر سندس موجب …
آمريڪا جا طاقتور ۽ وڏا سامونڊي جهاز وچ اوڀر ڏانهن وڌي رهيا آهن: صدر ڊونلڊ ٽرمپ
واشنگٽن-02 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي تازين ڌمڪين ۾ چيو آهي ته آمريڪا جا طاقتور ۽ وڏا سامونڊي جهاز وچ اوڀر ڏانهن وڌي رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايئر فورس ون ۾ صحافين سان ڳالهائڻ دوران جڏهن کانئس ايران بابت موجوده پوزيشن جي حوالي سان پڇيو ويو ته صدر ٽرمپ چيو ته هو ان حوالي سان حتمي ڳالهه نه ٿو چئي سگهي پر سندس موجب آمريڪا جا طاقتور ۽ وڏا سامونڊي جهاز ان طرف وڃي رهيا آهن، پر هو ڪنهن قبول جوڳي معاهدي تائين پهچڻ جي اميد رکي ٿو. ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اهڙو ڳالهين وارو معاهدو ممڪن هجي جيڪو ايٽمي هٿيارن کان پاڪ هجي ته ايران کي ان کي قبول ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته کيس يقين ناهي ته ايران ايئن ڪندو يا نه پر ڳالهه ٻولهه جاري آهي ۽ سنجيدگي سان ٿي رهي آهي.












