وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد - 29 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران ٻطرفي لاڳاپن جي دائره ڪار ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اداراجاتي مڪينزم جي ذريعي اعليٰ سطحي رابطن ۽ مشاورت کي برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن بدلجندڙ علائقائي صورتحال تي خيالن …

اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران ٻطرفي لاڳاپن جي دائره ڪار ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اداراجاتي مڪينزم جي ذريعي اعليٰ سطحي رابطن ۽ مشاورت کي برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن بدلجندڙ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف خطي ۾ امن، سلامتي ۽ ترقي جي فروغ جي لاءِ پائيدار ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتي خيالن جي ڏي وٺ جي اهميت تي زور ڏنو. گڏيل تاريخ، ثقافت ۽ عقيدي سان واڳيل پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ويجهي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن تي روشني وجهندي ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن جي دائره ڪار ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٻطرفي اداراجاتي مڪينزم جي ذريعي اعليٰ سطحي رابطن ۽ مشاورت کي برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں