اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عوام کي تصديق ٿيل ڄاڻ تائين پهچ ۽ ادارن طرفان ان جي فراهمي جي بنيادي جمهوري حق جي پختي توثيق ڪندي ان يقين جو اظهار ڪيو آهي، ته حڪومت، ميڊيا، سول سوسائٽي، تعليمي ادارا، ٽيڪنالاجي جا ماهر ۽ شهري گڏجي ڄاڻ جي صحت ۽ صداقت جي تحفظ ۽ هڪ باخبر، ذميوار ۽ شفاف معاشري جي قيام ۾ پنهنجو ڪردار …
حڪومت عوام کي تصديق ٿيل معلومات جي فراهمي، شفافيت کي هٿي وٺرائڻ ۽ ڄاڻ تائين پهچ جي حق جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عوام کي تصديق ٿيل ڄاڻ تائين پهچ ۽ ادارن طرفان ان جي فراهمي جي بنيادي جمهوري حق جي پختي توثيق ڪندي ان يقين جو اظهار ڪيو آهي، ته حڪومت، ميڊيا، سول سوسائٽي، تعليمي ادارا، ٽيڪنالاجي جا ماهر ۽ شهري گڏجي ڄاڻ جي صحت ۽ صداقت جي تحفظ ۽ هڪ باخبر، ذميوار ۽ شفاف معاشري جي قيام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف ڄاڻ تائين رسائي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو، جيڪو اڄ سومر تي ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان اڄ دنيا سان هم آواز ٿي ڄاڻ تائين پهچ جي عالمي ڏهاڙي تي ڄاڻ جي شهرين تائين رسائي ۽ ادارن طرفان ان جي فراهمي ۽ ڏي وٺ جي بنيادي جمهوري حق جي عزم جي پختي توثيق ڪري ٿو. هن سال اهو عالمي ڏينهن ”ڊجيٽل دور ۾ ڄاڻ جي صحت ۽ صداقت جو تحفظ: معلوماتي انتشار کي منهن ڏيڻ ۾ معلومات تائين رسائي جو ڪردار“ جي عنوان سان ملهايو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اهو موضوع بجا طور ڄاڻ جي دستيابي کي درپيش هڪ اهم مسئلي جي نشاندهي ڪري ٿو جنهن ۾ غلط ۽ گمراهه ڪندڙ ڄاڻ جي پکيڙ ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلا شامل آهن. هن چيو ته ڄاڻ تائين رسائي هڪ بنيادي حق ۽ شفاف جوابده ۽ باخبر معاشري جو بنياد آهي. عوام کي درست، وقت سر ۽ قابل اعتماد ڄاڻ جي فراهمي نه صرف رياستي ادارن جي ذميواري آهي، پر هي شهرين کي باخبر فيصلا ڪرڻ ۽ قومي معاملن ۾ موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائي ٿي. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڊجيٽل دور ۾ ٽيڪنالاجي ۽ سوشل ميڊيا ڄاڻ تائين پهچ کي اڳ جي ڀيٽ ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آسان بڻائي ڇڏيو آهي. جڏهن ته اڻ تصديق ٿيل، گمراهه ڪندڙ ۽ ڪوڙي ڄاڻ جو تيزي سان پکڙجڻ هڪ سنگين چئلينج بڻجي چڪو آهي. وزيراعظم چيو ته غلط ۽ گمراهه ڪندڙ ڄاڻ جي پکيڙ معاشري ۾ بي يقيني پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ عوام جي اعتماد کي به متاثر ڪري سگهي ٿو، ان صورتحال م ڄاڻ تائين رسائي جو حق وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ويو آهي. وزيراعظم چيو ته تصديق ٿيل ۽ اعتماد جوڳي ڄاڻ جي وقت سر فراهمي،شفافيت، حقيقتن جي جاچ ۽ ذميواراڻي ميڊيا ذريعي معلوماتي انتشار جو موثر مقابلو ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت عوام کي درست ۽ تصديق ٿيل ڄاڻ جي فراهمي، شفافيت کي هٿي وٺرائڻ ۽ ڄاڻ تائين پهچ جي حق جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي. اسان جديد ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل ذريعن کي ڪتب آڻيندي رياستي ادارن ۽ عوام وچ ۾ موثر رابطي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته ڄاڻ تائين رسائي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان کان ان عزم جي تجديد جي تقاضا ڪري ٿو ته اسان اهڙو ڊجيٽل ۽ معلوماتي ماحول جوڙيون جتي هر شهري کي درست، اعتماد جوڳي ۽ وقت سر ڄاڻ تائين آسان پهچ حاصل هجي ۽ ڪوڙي ۽ گمراهه ڪندڙ ڄاڻ جي پکيڙ جي روڪٿام لاءِ اجتماعي ذميواري جو مظاهرو ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي آئين جو آرٽيڪل (19) اي سمورن شهرين کي عوامي اهميت جي معاملن ۾ ڄاڻ تائين پهچ جي ضمانت ڏئي ٿو. ان آئيني ضمانت کي قانون سازي ۽ اداره جاتي انتظامن ذريعي شهرين لاءِ ڄاڻ جي حاصلات جي موثر نظام ۾ اختيار ڪيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان انفارميشن ڪميشن شهرين جي حق جي رسائي کي يقيني بڻائڻ جو فورم آهي، جيڪو شهرين جي لاڳاپيل شڪايتن جو ازالو به ڪري ٿو. سرڪاري آَفيسن ۽ ادارن جي رڪارڊ کي محفوظ ڪرڻ ۽ انهن جي رسائي کي آسان بڻائڻ لاءِ ڊيجيٽلائيزيشن جو عمل پڻ جاري آهي. وزيراعظم چيو ته مون کي يقين آهي ته حڪومت، ميڊيا، سول سوسائٽي، تعليمي ادارا، ٽيڪنالاجي جا ماهر ۽ شهري گڏجي ڄاڻ جي صحت ۽ صداقت جي تحفظ ۽ باخبر، ذميوار ۽ شفاف معاشري جي قيام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.










