صدر آصف علي زرداري گڏيل عرب امارات جو چئن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري وطن واپس روانو

اسلام آباد - 29 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گڏيل عرب امارات جو چئن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري وطن واپس روانو ٿي ويو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب دبئي ايئرپورٽ تي صدر آصف علي زرداري کي گڏيل عرب امارات جي مملڪتي وزير عبدالرحمان بن محمد الاويس، گڏيل عرب ۾ پاڪستان جي سفير، پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جي سفير ۽ دبئي ۾ پاڪستان جي …

اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گڏيل عرب امارات جو چئن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري وطن واپس روانو ٿي ويو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب دبئي ايئرپورٽ تي صدر آصف علي زرداري کي گڏيل عرب امارات جي مملڪتي وزير عبدالرحمان بن محمد الاويس، گڏيل عرب ۾ پاڪستان جي سفير، پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جي سفير ۽ دبئي ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل رخصت ڪيو. پنهنجي دوري دوران صدر آصف علي زرداري گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان ۽ وزيراعظم شيخ محمد بن راشد المڪتوم سميت اهم ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ ٻين معاملن سان گڏوگڏ ٻطرفي لاڳاپن ۽ اقتصادي حصيداري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. دفاع، سيڪيورٽي ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ اڳڀرائي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي.

مزید خبریں