صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال سان مصر جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد-29 جنوري(اي پي پي)صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال سان مصر جي سفير ڊاڪٽر ايهاب عبدالحميد ملاقات ڪئي جنهن دوران صحت جي شعبي سميت ٻطرفي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران دواسازي جي شعبي ۾ سهڪار ۽ ان حوالي سان جاري اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط، پراڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن …

اسلام آباد-29 جنوري(اي پي پي)صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال سان مصر جي سفير ڊاڪٽر ايهاب عبدالحميد ملاقات ڪئي جنهن دوران صحت جي شعبي سميت ٻطرفي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران دواسازي جي شعبي ۾ سهڪار ۽ ان حوالي سان جاري اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط، پراڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن جڏهن ته صحت جي شعبي ۾ سهڪار، ٻنهي ملڪن جي ٻطرفن لاڳاپن جو اهم ٿنڀ بڻجي چڪو آهي. مصر جي سفير ان موقعي تي چيو ته خاص ڪري صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جهڙا فورم پاڪستان ۽ مصر جي گڏيل حصيداري واکاڻ جوڳا آهن. وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال صحت جي عالمي اداري جي 159 هين اجلاس ۾ مصر پاران پيش ڪيل ٻن ٺهرائن جي واکاڻ ڪندي چيو ته پريسيزن ميڊيسن ۽ فيٽي ليور بيماري بابت مصر جا قدم بروقت ۽ صحت جي عالمي ترجيحن سان هم آهنگ آهن. مصر جي سفير ٻنهي ٺهرائن تي پاڪستان جي حمايت تي مصر جي حڪومت پاران خاص شڪريو ادا ڪيو. وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال مصر پاران هيپاٽائيٽس جي روڪٿام ۽ علاج لاءِ دوائن جي فراهمي ۾ تعاون جي تعريف ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس جي خاتمي لاءِ مصر جو مثال اسان لاءِ هڪ رول ماڊل جي حيثيت رکي ٿو.

مزید خبریں