وفاقي وزير عبدالعليم خان پاران اين ايڇ اي کي ڪرتار پور ۽ ننڪانه صاحب جي موٽر ويز نيٽ ورڪ سان ڳنڍڻ لاءِ اهم قدمن جي هدايت

اسلام آباد-29 جنوري (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايڇ اي) کي ڪرتار پور ۽ ننڪانه صاحب جي موٽر ويز نيٽ ورڪ سان ڳنڍڻ لاءِ اهم قدمن جي هدايت ڪئي آهي. سيالڪوٽ کان ڪرتار پور تائين تعمير ٿيندڙ ان نئين موٽر ويز کي گرو نانڪ ايڪسپريس وي جي نالي سان منسوب ڪيو ويندو. گذريل ڏينهن هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي …

اسلام آباد-29 جنوري (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايڇ اي) کي ڪرتار پور ۽ ننڪانه صاحب جي موٽر ويز نيٽ ورڪ سان ڳنڍڻ لاءِ اهم قدمن جي هدايت ڪئي آهي. سيالڪوٽ کان ڪرتار پور تائين تعمير ٿيندڙ ان نئين موٽر ويز کي گرو نانڪ ايڪسپريس وي جي نالي سان منسوب ڪيو ويندو. گذريل ڏينهن هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته اين ايڇ اي جو ننڪانه صاحب ۽ ڪرتارپور سان لاڳاپيل منصوبو خطي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو. هن هدايت ڪئي ته سيالڪوٽ کان ڪرتارپور موٽر وي جي تعمير لاءِ فوري طور تي ڪم جي شروعات ڪئي وڃي. وفاقي وزير چيو ته موٽروي تي بهترين ريسٽ ايرياز ۽ عالمي معيار جي شاپبنگ مال جي تعمير به يقيني بڻائي ويندي. هن چيو ته سک برادري جو انهن منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڏانهن ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ لنڊن، ڪينيڊا ۽ آمريڪا جهڙن ملڪن ۾ وڏي پئماني تي اشتهاري مهم هلائي ويندي ۽ اين ايڇ اي انهن منصوبن کي عالمي روڊ شوز ۾ پڻ پيش ڪندو ته جيئن عالمي سطح تي مارڪيٽنگ ذريعي پرڏيهي سيڙپڪاري حاصل ڪري سگهجي. هن واضح ڪيو ته سيالڪوٽ کان ڪرتار پور جي موٽر وي نه رڳو سک ياترين لاءِ آساني پيدا ڪندو پر ان سان لاڳاپيل شهرن جي عوام کي به سماجي ۽ معاشي فائدو حاصل ٿيندو.

مزید خبریں