اسلام آباد-29 جنوري (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان معاملن ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ آزاد ڪشمير ۾ جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي سان طئي ٿيل معاهدي تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو. جاري بيان موجب وفاقي وزير هاڻي تائين ٿيل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ سمورن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته عملدرآمد جي ڪم ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي. …
وفاقي وزير امير مقام جي صدارت ۾ اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد-29 جنوري (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان معاملن ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ آزاد ڪشمير ۾ جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي سان طئي ٿيل معاهدي تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو. جاري بيان موجب وفاقي وزير هاڻي تائين ٿيل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ سمورن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته عملدرآمد جي ڪم ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي. هن چيو ته آزاد ڪشمير وزيراعظم جي اولين ترجيح آهي ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ وفاقي ۽ آزاد ڪشمير حڪومتن جي گڏيل ذميواري آهي. هن يقين ڏياريو ته وزيراعظم جي هدايتن جي روشني ۾ جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي سان ڪيل معاهدي تي مڪمل ۽ اثرائتو عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو. ان موقعي تي لاڳاپيل عملدار به موجود هئا. عملدارن اجلاس کي هاڻي تائين کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني جڏهن ته آزاد ڪشمير جي چيف سيڪريٽري عملدرآمد جي عمل تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ ڪشمير معاملن، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وزارت، سول ايوي ايشن، قومي صحت جي خدمتن، پلاننگ ڪميشن، مواصلات، اين ايڇ اي، پي ٽي اي، پاور ڊويزن، آبي وسيلن ۽ وفاقي تعليم جي نمائندن به شرڪت ڪئي.











