سينيٽ جي وقتي چيئرمين سان سياسي، سماجي ۽ واپاري شخصيتن جون ملاقاتون

اسلام آباد-29 جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان ناصر سان تعزيت لاءِ ملڪ جي مشھور سياسي، سماجي ۽ واپاري شخصيتن پارليامينٽ ھائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان مطابق انھن ملاقاتن جو مقصد سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان جي ڀاڻيجي جي لاڏاڻي تي ساڻس ڏک، غم ۽ افسوس جو اظھار ڪرڻ ھو. تعزيت لاءِ ايندڙن ۾ گلگت بلتستان جو اڳوڻو وڏو وزير حفيظ …

اسلام آباد-29 جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان ناصر سان تعزيت لاءِ ملڪ جي مشھور سياسي، سماجي ۽ واپاري شخصيتن پارليامينٽ ھائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان مطابق انھن ملاقاتن جو مقصد سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان جي ڀاڻيجي جي لاڏاڻي تي ساڻس ڏک، غم ۽ افسوس جو اظھار ڪرڻ ھو. تعزيت لاءِ ايندڙن ۾ گلگت بلتستان جو اڳوڻو وڏو وزير حفيظ الرحمان، بلوچستان جي اڳوڻي اسپيڪر راحيله دراني، اڳوڻو سينيٽر حافظ حمد الله خان، واپاري ۽ سماجي شخصيت ميجر (ر) عامر، مسلم ليگ (ن) سنڌ جو سينئر نائب صدر علي اڪبر گجر، اسد الله، عبدالخالق علي اچڪزئي ۽ مشھور قانون دان بئريسٽر ضيا شامل ھئا. ملاقات دوران وفدن مرحوم جي لاڏاڻي تي گھري ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪندي مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ ڏکوئيل ڪٽنب لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وفدن سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان ناصر ۽ ٻين پونئيرن لاءِ نيڪ خواھشن جو اظھار ڪندي هن مشڪل وقت ۾ مڪمل ھمدردي ۽ يڪجھتي جو يقين ڏياريو. سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان ناصر تعزيت ڪندڙن سمورن معزز مھمانن جو ٿورو مڃيندي چيو ته ڏک جي ھن گھڙي ۾ دوستن ۽ معزز شخصيتن طرفان ھمدردي جو اظھار مون لاءِ تسلي جو سبب آھي. ھن چيو ته مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏيڻ انساني قدرن ۽ ڀائيچاري جو پھترين مثال آھي، جنھن کي مان دل جي گھرائين سان ساراھيان ٿو.

مزید خبریں