وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان سلڪ وي امپيڪس ۽ چين جي بي آر آءِ وفد جي ملاقات

اسلام آباد-29 جنوري (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان گذريل ڏينهن سلڪ  وي امپيڪس ۽ چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو( بي آر آءِ) سان لاڳاپيل هڪ اعليٰ سطح جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٻه طرفن سيڙپڪاري ،اقتصادي تعاون ۽ مستقبل جي گڏيل منصوبن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. سيڙپڪاري بورڊ پاران جاري ڪيل بيان موجب وفاقي وزير قيصر …

اسلام آباد-29 جنوري (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان گذريل ڏينهن سلڪ  وي امپيڪس ۽ چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو( بي آر آءِ) سان لاڳاپيل هڪ اعليٰ سطح جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٻه طرفن سيڙپڪاري ،اقتصادي تعاون ۽ مستقبل جي گڏيل منصوبن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. سيڙپڪاري بورڊ پاران جاري ڪيل بيان موجب وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستي تمام گهڻي پراڻي ۽ مضبوط بنيادن تي قائم آهي جيڪا وقت سان گڏ وڌيڪ مستحڪم ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت چين سان اقتصادي شراڪتداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. قيصر احمد شيخ چيو ته چين جي وفد کي پاڪستان ۾ معدنيات، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ڊجيٽلائيزيشن ۽ ويليو ايڊڊ  شعبن ۾ سيڙپڪاري جي وسيع امڪانن کان آگاه ڪيو ويو آهي. هن تازو ئي منعقد ٿيل پاڪ – چين معدني تعاون فورم جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان جو معدني شعبو غير معمولي صلاحيتن وارو آهي ۽ ان شعبي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي خاص اهميت ڏني پئي وڃي. وفاقي وزير ٻڌايو ته چين جي وفد ٽامي۽ ٻي معدنيات ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. ان موقعي تي چين جي وفد جي اڳواڻي مسٽر ڊينگ  يوبن، هيڊ بي آر آءِ ڪري رهيو هو.

مزید خبریں