پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٻه طرفي واپار ۾ اضافو ريڪاڊ، چين ڏانهن پاڪستان جي درآمدات ۾ سالياني بنيادن تي 6 سيڪڙو گهٽتائي ۽ درآمدات ۾ 25.60 سيڪڙو اضافو

اسلام آباد-29 جنوري (اي پي پي)پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٻه طرفي واپار ۾ جاري مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ اضافو رڪاڊ ٿيو آهي. مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ چين ڏانهن پاڪستان جي آمدني واپار ۾ 25.60 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. اسٽيٽ بينڪ پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ چين ڏانهن ايڪسپورٽ ،ان ملڪ کي 1.216 ارب ڊالرن …

اسلام آباد-29 جنوري (اي پي پي)پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٻه طرفي واپار ۾ جاري مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ اضافو رڪاڊ ٿيو آهي. مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ چين ڏانهن پاڪستان جي آمدني واپار ۾ 25.60 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. اسٽيٽ بينڪ پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ چين ڏانهن ايڪسپورٽ ،ان ملڪ کي 1.216 ارب ڊالرن جو ناڻو حاصل ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مدي جي ڀيٽ ۾ 6 سيڪڙو گهٽ آهي. گذريل مالي سال جي ان مدي ۾ چين ڏانهن ايڪسپورٽ مان ملڪ کي 1.288 ارب ڊالرن جو ناڻو حاصل ٿيو.ڊسمبر ۾ چين ڏانهن پاڪستان جي ايڪسپورٽ جو ڳاڻيٽو 233.092 ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو نومبر ۾ 194.20 ملين ڊالرز ۽ ڊسمبر ۾2025 ۾ 233.49 ملين ڊالرز هو. مالي سال 2025 ۾ چين ڏانهن ايڪسپورٽ سان ملڪ کي 2.477 ارب ڊالرن جو ناڻو حاصل ٿيو هو ، انگن اکرن موجب مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ چين مان آمدني واپار تي 7.541 ارب ڊالرن جو ناڻو خرچ ٿيو. ڊسمبر ۾ چين مان آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 1.758 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو نومبر ۾ 1.324 ارب ڊالرز ۽ ڊسمبر 2024 ع ۾ 1.265 ارب ڊالرز هو. مالي سال 2025ع ۾ چين مان امپورٽ تي 16.312 ارب ڊالرز جو ناڻو خرچ ٿيو.

مزید خبریں