طبي ماهرن جي سفارش تي، پي ٽي آءِ جي باني جي اکين جو پمز اسپتال ۾ معائنو ڪيو ويو: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد- 29 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته طبي ماهرن جي سفارش تي پي ٽي آءِ جي باني جي اکين جو پمز اسپتال ۾ معائنو ڪيو ويو، پي ٽي آءِ جو باني مڪمل طور تي ٺيڪ آهي، سڀني قيدين کي صحت جون سهولتون مُيسر آهن. خميس ڏينهن هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اکين جي …

اسلام آباد- 29 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته طبي ماهرن جي سفارش تي پي ٽي آءِ جي باني جي اکين جو پمز اسپتال ۾ معائنو ڪيو ويو، پي ٽي آءِ جو باني مڪمل طور تي ٺيڪ آهي، سڀني قيدين کي صحت جون سهولتون مُيسر آهن. خميس ڏينهن هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اکين جي ڊاڪٽرن اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ جي باني جي اکين جو معائنو ڪيو، جنهن کان پوءِ انهن تجويز ڏني ته معمولي طبي طريقيڪار لاءِ کيس پمز وٺي وڃڻ ضروري آهي. هن چيو ته اکين جي ڊاڪٽرن جي سفارش تي کيس گذريل ڇنڇر جي رات پمز اسپتال آندو ويو جتي سندس اکين جو معائنو ڪيو ويو. پي ٽي آءِ جي باني جي لکت ۾ راضپي کانپوءِ، تقريبن 20 منٽن تائين طبي معائنو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ضروري هدايتن سان کيس واپس اڊيالا جيل آندو ويو. هن چيو ته طبي معائني وقت پي ٽي آءِ جو باني مستحڪم ۽ بلڪل صحتمند هو. هن چيو ته سڀني قيدين کي طبي سهولتن تائين پُهچ حاصل هُوندي آهي، اهو ضابطن جي مطابق آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ جو باني طبي مُعائني دوران مڪمل طور تي صحتمند هو. طبي ماهرن جي راءِ هئي ته کيس معمولي طبي مُعائني لاءِ پمز وٺي وڃڻ ضروري آهي ۽ باني جي رضامندي کانپوءِ، طبي معائنو ويهن منٽن ۾ مڪمل ڪري کيس واپس آندو ويو.

مزید خبریں