صدر آصف علي زرداري سان گڏيل عرب امارات جي نائب صدر، وزيراعظم ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم جي ملاقات

دبئي - 28 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گڏيل عرب امارات جي نائب صدر، وزيراعظم ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان زعبيل پيلس ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ اقتصادي تعاون جي فروغ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جڏهن ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي رابطن کي سگهه …

دبئي – 28 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گڏيل عرب امارات جي نائب صدر، وزيراعظم ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان زعبيل پيلس ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ اقتصادي تعاون جي فروغ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جڏهن ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي رابطن کي سگهه ڏيڻ جي امڪانن جو جائزو ورتو ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري شيخ محمد بن راشد المڪتوم کي دبئي حڪمران جي طور تي ڏهاڪن جي ڪامياب قيادت مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ دبئي جي سياحت، ماليات ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي عالمي  شعبن ۾ نمايان ترقي کي ساراهيو. ڌرين دبئي جي ترقياتي ماڊل مان فائدو کڻڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، خاص طور تي بندرگاهن، لاجسٽڪس، بنيادي ڍانچي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڊيجيٽل مالياتي خدمتن جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي زور ڏنو ويو. صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۾ جاري اقتصادي سڌارن، سيڙپڪاري ۾ سهولتڪاري ۽ نجڪاري جي قدمن کي اجاگر ڪندي گڏيل عرب امارات سان بنيادي ڍانچي جي ترقي، لاجسٽڪس، غذائي تحفظ ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل شعبن ۾ حصيداري وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن شيخ محمد بن راشد المڪتوم کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. ٻنهي اڳواڻن پاڪ – يو اي اي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ٻطرفي رابطن جي مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي اعليٰ سطحي رابطن جي اهميت کي اجاگر ڪندي يو اي اي جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان جي تازي پاڪستان جي دوري جو ذڪر پڻ ڪيو ويو. هن پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ گڏيل عرب امارات جي مسلسل  حمايت کي ساراهيو ۽ يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري جي ڪردار کي عوامي رابطن جي فروغ ۾ اهم قرار ڏنو. خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري، پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وفاقي گهرو وزير سيد محسن نقوي ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستان جو سفير پڻ ان موقعي تي موجود هئا.

مزید خبریں