حج 2026ع جي خرچن ۾ ڪنهن به مد ۾ بچت ٿي ته اها رليف سڌيءَ ريت حاجي سڳورن کي منتقل ڪنداسين: وفاقي وزير سردار محمد يوسف

اسلام آباد-28 جنوري (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته حج 2026ع جي خرچن ۾ ڪنهن به مد ۾ بچت ٿي ته اها رليف سڌيءَ ريت حاجي سڳورن کي منتقل ڪنداسين. طبي بنياد تي يا هارڊشپ ڪوٽا ۾ ڪامياب نه ٿيندڙ پانڌيئڙن کي پوري رقم جي واپسي يقيني بڻائينداسين. حج لاءِ ڪنهن جي ڪوٽا ناهي، نه ئي پارليامينٽ …

اسلام آباد-28 جنوري (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته حج 2026ع جي خرچن ۾ ڪنهن به مد ۾ بچت ٿي ته اها رليف سڌيءَ ريت حاجي سڳورن کي منتقل ڪنداسين. طبي بنياد تي يا هارڊشپ ڪوٽا ۾ ڪامياب نه ٿيندڙ پانڌيئڙن کي پوري رقم جي واپسي يقيني بڻائينداسين. حج لاءِ ڪنهن جي ڪوٽا ناهي، نه ئي پارليامينٽ جي ميمبرن کي مفت ۾ حج ڪرائڻ جي ڪا تجويز غور هيٺ آهي. هو پي ٽي وي هيڊ ڪوارٽرز ۾ مذهبي معاملن واري سيڪريٽريءَ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير سردار محمد يوسف سال 2025ع جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪندي ٻُڌايو ته وزارت حج ۽ عمري جي شعبي ۾ رڪارڊ سڌارا متعارف ڪرايا آهن. هن انڪشاف ڪيو ته حج 2025ع جي بهترين انتظامن تي سعودي حڪومت پاڪستان کي ايڪسيلينس ايوارڊ سان نوازيو، جيڪو قومي سطح تي هڪ وڏو اعزاز آهي. پانڌيئڙن جي سهولت لاءِ حج 2025ع دوران مجموعي طور 3.5 ارب رپيا فنڊ ڪيا ويا جنهن سان في حاجي 12 هزار کان هڪ لک 10 هزار تائين بچت حاصل ڪئي. وفاقي وزير وڌيڪ ٻُڌايو ته حج 2026ع لاءِ هڪ لک 79 هزار حج پانڌيئڙن جي رجسٽريشن مڪمل ٿي چڪي آهي جڏهن ته پاڪ حج ايپ ۽ روڊ ٽو مڪه کي ڪراچيءَ تائين واڌ سان حج پانڌيئڙن جي تڪليفن ۾ گهٽتائي آئي آهي. عمري ۽ زيارت لاءِ نوان ضابطا تيار ڪيا ويا آهن ته جيئن زيارتين کي نجي آپريٽرز هٿان استحصال کان بچائي سگهجي ۽ پوري نظام کي ڊجيٽل بڻائي سگهجي، تعليمي ۽ تحقيقي ميدان ۾ وزارت جي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عالمي قرائت جو مقابلو منعقد ٿيو جنهن ۾ 37 ملڪن جي قارين شرڪت ڪئي، گڏوگڏ 50 عالمي سيرت ڪانفرنس منعقد ڪيا ويا جنهن ۾ او آءِ سي تحت عالمي وفد شريڪ ٿيا. وزارت جديد گُهرجن کي نظر ۾ رکندي گذريل 50 سالن جي سيرت مقالن کي ڊجيٽلائيزد ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو آهي ۽ علمي مقابلن ۾ شفافيت برقرار رکڻ لاءِ مصنوعي ذهانت متعارف ڪرايو.

مزید خبریں