آڊيٽر جنرل جي آڊٽ مشاهدي تي نجي ادارن خلاف سيلز ٽيڪس نوٽيس ناقابل قبول آهن: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد-28 جنوري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان فيصلو ڏنو آهي ته آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي آڊٽ مشاهدي جي بنياد تي نجي شعبي جي ادارن خلاف سيلز ٽيڪس جا نوٽيس جاري ڪرڻ قانوني طور صحيح ناهي. عدالت ڪمشنر اِن لينڊ روينيو (پشاور زون) جي اپيل منظور ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. رپورٽنگ لاءِ منظور ٿيل لکت واري تفصيلي فيصلي موجب جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس مسرت هلالي …

اسلام آباد-28 جنوري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان فيصلو ڏنو آهي ته آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي آڊٽ مشاهدي جي بنياد تي نجي شعبي جي ادارن خلاف سيلز ٽيڪس جا نوٽيس جاري ڪرڻ قانوني طور صحيح ناهي. عدالت ڪمشنر اِن لينڊ روينيو (پشاور زون) جي اپيل منظور ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. رپورٽنگ لاءِ منظور ٿيل لکت واري تفصيلي فيصلي موجب جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس مسرت هلالي تي ٻَڌل بينچ چيو ته آڊيٽر جنرل جا اختيار ۽ فرض آئين ۽ 2001ع جي آرڊيننس تحت صرف وفاق يا صوبي جي قائم ڪيل ادارن تائين محدود آهن ۽ نجي ڪمپنين تي اهي لاڳو نٿا ٿين. عدالت وڌيڪ چيو ته آڊيٽر جنرل جي مشاهدن جي بنياد تي ڪنهن نجي اداري خلاف ٽيڪس وصولي جا قدم نٿا کڻي سگهجن. عدالت موجب سيلز ٽيڪس ايڪٽ 1990ع جي شق 25 ۾ بيان ڪيل ٻيو پروويزو نجي شعبي جي ادارن تي لاڳو نٿو ٿئي پر اهو صرف ان پبلڪ سيڪٽرن تي لاڳو ٿئي ٿو جن جا اڪائونٽس آڊيٽر جنرل تحت ايندا آهن. ان جي ابتڙ نجي ڪمپنين جي حساب جو آڊٽ صرف لاڳاپيل ٽيڪس عملدار ڪري سگهن ٿا ۽ آڊيٽر جنرل جي مشاهدي جي بنياد تي ڪارروائي ڪرڻ غير قانوني آهي. عدالت وضاحت ڪئي ته جهڙيءَ طرح آڊيٽر جنرل جو دائره ڪار ۽ اختيار پبلڪ سيڪٽر ادارن لاءِ مخصوص آهي، اهڙيءَ طرح ٽيڪس عملدارن جا اختيار به مختلف ۽ محدود آهن جيڪو ڪم سڌيءَ ريت نٿو ڪري سگهجي ان کي اڻسڌيءَ ريت به نٿو ڪري سگهجي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته اڳ کان ان قسم جي ڪيسن ۾ هي اصول قائم ٿي چڪو آهي ۽ نجي ادارن خلاف آڊيٽر جنرل جي مشاهدن تي ڪنهن به ڪارروائيءَ جي قانوني جوازيت ناهي، ان حڪم سان ئي ڪمشنر اِن لينڊ روينيو طرفان دائر سي پي ايل اي نمبر 2025/663 پي جي درخواست خارج ڪئي وئي.

مزید خبریں