حڪومت معيشت جي استحڪام، مالي پائيداري ۽ چٽاڀيٽيءَ تي ٻَڌل ترقي ۽ اؤسر لاءِ قدم کڻي رهي آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير

اسلام آباد-28 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت معيشت جي استحڪام، مالي پائيداري ۽ چٽاڀيٽيءَ تي ٻَڌل ترقي ۽ اؤسر لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ٽيڪس سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ ڍانچا جاتي سڌارن جي پروگرام تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي. هن اها ڳالهه جرمنيءَ جي سفير اناليپل سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ معاشي لاڳاپن …

اسلام آباد-28 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت معيشت جي استحڪام، مالي پائيداري ۽ چٽاڀيٽيءَ تي ٻَڌل ترقي ۽ اؤسر لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ٽيڪس سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ ڍانچا جاتي سڌارن جي پروگرام تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي. هن اها ڳالهه جرمنيءَ جي سفير اناليپل سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ معاشي لاڳاپن جي مجموعي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ واپار، سيڙپڪاري سميت ترقيءَ جي شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ مسلسل رابطن جي اهميت تي زور ڀريو ويو. ڌُرين معاشي رابطن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ ڊگهي مُدي جي ترقيءَ لاءِ معاون مستحڪم ۽ اثرائتي ڪاروباري ماحول کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجي گڏيل عزم کي ورجايو. ناڻي واري وزير حڪومت جي مجموعي معاشي ويزن ۽ سڌارن بابت ترجيحن کان آگاهه ڪندي ڪلي معيشت جي استحڪام، مالي پائيداري ۽ چٽاڀيٽيءَ تي ٻَڌل ترقي جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن معاشي بحالي جي حمايت، روانگي واپار جي صلاحيت ۾ واڌ ۽ پرڏيهي جهٽڪن جي مقابلي ۾ معيشت جي مضبوطيءَ لاءِ جاري قدمن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي جامع ۽ پائيدار ترقيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڍانچه جاتي سڌارن جي رفتار برقرار رکڻ تي به زور ڀريو. ملاقات ۾ حڪومت جي محصولن ۽ ٽيڪس سڌارن جي ايجنڊا تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ ٽيڪس نيٽ کي هٿي ڏيڻ، ٽيڪس تعميل بهتر بنائڻ ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ڊيٽا تي ٻَڌل نظام ذريعي ڪارڪردگيءَ ۾ واڌ تي زور ڀريو ويو. ناڻي واري وزير واضح ڪيو ته هي سڌارا شفافيت ۽ انصاف کي هٿي وٺرائڻ، معاشي بگاڙ کي گهٽ ڪرڻ ۽ سمورن معاشي ڌُرين لاءِ هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ جوڙيو ويو آهي، گڏوگڏ سيڙپڪاري ۽ دستاويزي معيشت جي حوصلا افزائي به ان جو اهم مقصد آهي. جرمن سفير جاري سڌارا جاتي قدمن جي آجيان ڪئي ۽ ڪاروباري برادري سان ٿيل ملاقات جي روشنيءَ ۾ مشاهدن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جن ۾ پاليسين جي وضاحت، تسلسل ۽ حصيدارن سميت سرڪاري ادارن وچ ۾ مؤثر ڳالهين جي اهميت تي زور ڀريو ويو. ڌُرين ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته پاليسي هدفن جي بهتر تفهيم ۽ مؤثر عملدرآمد، معاشي ترقي ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد لاءِ مسلسل رابطا نهايت ضروري آهن. وفاقي وزير ٽيڪس انتظاميه کي مضبوط بڻائڻ، خدمتن جي فراهمي بهتر ڪرڻ ۽ شفافيت ۾ واڌ لاءِ جاري انتظامي ۽ ادارا جاتي قدمن تي روشني وڌي. ڳالهين ۾ ٽيڪس تعميل ۾ آساني ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پائيدار طريقيڪار ۽ معاملن جي وقت سر حل سميت نظامن جي مسلسل جديد ڪاري جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ملاقات ۾ علائقائي ۽ عالمي معاشي ماحول تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جنهن ۾ عالمي غير يقيني واري صورتحال سبب پيدا ٿيل گڏيل چئلينجز ۽ موقعن کي تسليم ڪيو ويو. ڌُرين ان حالتن ۾ تعاون، پاليسيءَ ۾ تسلسل ۽ گڏيل فهم ۽ ادراڪ جي اهميت تي زور ڀريو ته جيئن پائيدار معاشي نتيجا حاصل ڪري سگهجن. ڌُرين پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ مضبوط ۽ پُراڻي حصيداريءَ کي ورجايو ۽ معاشي سڌارن، سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ، گڏيل مفادن تي ٻَڌل تعاون لاءِ ويجها رابطا ۽ تعميري ڳالهين کي برقرار رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں