وفاقي آئيني عدالت جو ٽيڪس ڪيسن بابت تفصيلي لکت وارو فيصلو جاري، درجنين سول اپيلون ۽ ٽرانسفر ڪيسن تي اهم حڪم

اسلام آباد-28 جنوري (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ٽيڪس بابت درجنين سول اپيلن، آئيني درخواستن ۽ ٽرانسفر ڪيسن تي رپورٽنگ لاءِ منظور ٿيل لکت وارو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. جنهن تحت ڪيترائي ڪيس اُڪلايا ويا، جڏهن ته ڪيترائي ٽيڪس ريفرنسز قانون موجب فيصلي لاءِ لاڳاپيل هاءِ ڪورٽس کي واپس موڪليا ويا آهن، اهي ڪيس چيف چسٽس وفاقي آئيني عدالت جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ جسٽس …

اسلام آباد-28 جنوري (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ٽيڪس بابت درجنين سول اپيلن، آئيني درخواستن ۽ ٽرانسفر ڪيسن تي رپورٽنگ لاءِ منظور ٿيل لکت وارو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. جنهن تحت ڪيترائي ڪيس اُڪلايا ويا، جڏهن ته ڪيترائي ٽيڪس ريفرنسز قانون موجب فيصلي لاءِ لاڳاپيل هاءِ ڪورٽس کي واپس موڪليا ويا آهن، اهي ڪيس چيف چسٽس وفاقي آئيني عدالت جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس ارشد حسين شاهه تي ٻَڌل 3 رڪني بينچ ٻُڌا. عدالت ان ڪيسن جي ٻُڌڻي 27 جنوري 2026ع تي ڪئي هئي. لکت واري فيصلي موجب ٽيڪس ڏيندڙن طرفان وڪيل مخدوم علي خان پنهنجا دليل مڪمل ڪيا، جڏهن ته ٻين وڪيلن لکت ۾ مؤقف جمع ڪرايا، جن کي عدالتي رڪارڊ جو حصو بڻايو ويو. عدالت سي پي ايل اي نمبر K/2022-724 کي ٻين ڪيسن کان ڌار (ڊي ڪلب) ڪندي ان کي ڌار ٻُڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ ٽيڪس ريفرنس نمبر 87-P/2024، 25/2019، 27-P/2019، 111/P/2024، 108-P/2023، 43/2024، 34-P/2024، 109-P/2024، 113-P/2024، 112-P/2024، 110-P/2024 ۽ 49-P/2025 سميت ڪيترن ئي ٽيڪس ريفرنسز کي فيصلي لاءِ پشاور هاءِ ڪورٽ ڏانهن واپس موڪليو ويو، جڏهن ته لاڳاپيل ٽرانسفر ڪيسز اُڪلايا ويا. وفاقي آئيني عدالت ۾ ٻُڌڻيءَ هيٺ ان ڪيسن ۾ ڊي جي خان سيمينٽ، ميپل ليف سيمينٽ، ابراهيم فائبرز، حبيب رفيق (پرائيويٽ) لميٽيڊ، سيف هولڊنگ لميٽيڊ، او پي پي او موبائل ٽيڪنالاجيز، اينگرو ڪارپوريشن، ايٽلس هنڊا، نيشنل انويسٽمينٽ ٽرسٽ، نشات (چونيان) لميٽيڊ، ڊائوو پاڪستان ايڪسپريس بس سروس، ڪوهاٽ سيمينٽ، قرشي انڊسٽريز، ورلڊ ڪال ٽيليڪام، ڪولگيٽ پاموليو، بي انرجي لميٽيڊ سميت ڪيتريون ئي ڪمپنين ۽ ماڻهن طرفان داخل سول اپيلون شامل هيون. هي اپيلون لاهور هاءِ ڪورٽ، سنڌ هاءِ ڪورٽ، پشاور هاءِ ڪورٽ جي مختلف فيصلن خلاف دائر ڪيون ويون هيون جن ۾ ايف بي آر، ناڻي واري وزارت ۽ وفاقي حڪومت جي ٽيڪس قدمن ۽ نوٽسز کي چئلينج ڪيو ويو هو. عدالت واضح ڪيو ته ڄاڻايل سمورا فيصلا آئين ۽ قانون موجب ڪيا ويا آهن جڏهن ته مختصر حڪم ان ئي ڏينهن جاري ڪيو ويو هو.

مزید خبریں