نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس

اسلام آباد - 28 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ پاڪستان جي زرعي برآمدات ۽ واپاري چٽاڀيٽي ۾ اضافي جي لاءِ قدمن جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ منڊين تائين پهچ کي وڌائڻ، واپار ۾ سهولت ۽ اهم عالمي حصيدارن سان رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي تفصيلي خيالن جي …

اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ پاڪستان جي زرعي برآمدات ۽ واپاري چٽاڀيٽي ۾ اضافي جي لاءِ قدمن جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ منڊين تائين پهچ کي وڌائڻ، واپار ۾ سهولت ۽ اهم عالمي حصيدارن سان رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ، ٻاهرئين ملڪ اهم مشنز ۾ مقرر پاڪستان جي سفيرن ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں