پاڪستان ۽ چين وچ ۾ شراڪتداري هڪ نئين دور م داخل ٿي چڪي آهي: وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال

اسلام آباد -28 جنوري (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته پاڪستان ۽ چين جي شراڪتداري هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جيڪا رڳو انفراسٽرڪچر تائين محدود ناهي، پر پيداوار، ايڪسپورٽ، روزگار ۽ پائيدار ترقي تي پڻ ٻڌل آهي. چين پاڪستان منرل ڪو آپريشن فورم کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جي 75هين …

اسلام آباد -28 جنوري (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته پاڪستان ۽ چين جي شراڪتداري هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جيڪا رڳو انفراسٽرڪچر تائين محدود ناهي، پر پيداوار، ايڪسپورٽ، روزگار ۽ پائيدار ترقي تي پڻ ٻڌل آهي. چين پاڪستان منرل ڪو آپريشن فورم کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگره جي موقعي تي شراڪتداري، اعتماد ۽ اسٽريٽجڪ گهرائي جو روشن مثال بڻجي چڪي آهي، سي پيڪ توانائي، روڊن، بندرگاهن ۽ قومي رابطن ذريعي  پاڪستان جي ترقياتي منظرنامي کي مڪمل طور تي تبديل ڪري ڇڏيو  آهي. پروفيسر احسن اقبال چيو ته سي پيڪ فيز ٽو  پاڪستان جي قومي معاشي تبديلي جي فريم ورڪ اڏام پاڪستان سان مڪمل طور تي هم آهنگ آهي جنهن جو مقصد 2035ع تائين 10 کرب ڊالرن جي معيشت جي جوڙجڪ آهي. هن چيو ته چين جي تازي دوري دوران  اڏام پاڪستان جي فائيو ايز کي صدر شي جن پنگ جي ترقي جي فائيو گروٿ ڪوريڊورز سان ڳنڍڻ لاءِ مفاهمتي يادداشتنامي تي صحيحيون ڪيون ويون، جنهن سان منصوبابندي، سيڙپڪاري ۽ عملدرآمد ۾ هم آهنگي پيدا ٿيندي. هن چيو ته معدني شعبو اڏام پاڪستان ۾ روانگي واپار جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ خاص حيثيت رکي ٿو، پاڪستان جي معدني وسيلن جي ماليت اٽڪل 60 کرب ڊالرز آهي جڏهن ته معدني روانگي واپار هن وقت صرف 2 ارب ڊالرز ساليانو آهي. هن چيو ته بهتر حڪمراني، جديد ٽيڪنالاجي ۽ عالمي شراڪتداري ذريعي معدني روانگي واپار کي 6 کان 8 ارب ڊالرز ساليانو تائين وڌائي سگهجي ٿو ۽ لکين روزگار جا موقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته چين سان معدني سهڪار کي اڳيان وڌائي ويليو ايڊيشن، پراسيسنگ، ايسميلٽنگ ۽ ريفائيننگ طرف وٺي وڃڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. پروفيسر احسن اقبال ان ڳالهه تي پڻ زور ڀريو ته معدني ترقي کي پائيدار، ماحول دوست ۽ علائقائي شموليت تي مشتمل هجڻ گهرجي ته جيئن بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا جهڙن وسيلن سان مالا مال علائقن کي روزگار، تعليم ۽ صحت ۾ حقيقي فائدا حاصل ٿي سگهن. هن واضح ڪيو ته چيني شهرين ۽ سيڙپڪاري جو تحفظ پاڪستان حڪومت جي اولين ترجيح آهي ان لاءِ ان مقصد لاءِ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) تحت اثرائتا قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته پاڪستان چين کي ٽامي، سون، ريئر ارٿ منرلز ۽ ٻين اهم معدنيات ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني آهي ته جيئن معدني دولت کي صنعتي طاقت، روانگي واپار ۾ هڪجهڙائي ۽ گڏيل خوشحالي ۾ تبديل ڪري سگهجي. هن چيو ته جيئن جيئن پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سفارتي لاڳاپا 75 سالن جي ويجهو پهچي رهيا آهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعلقات اعتماد ۽ اسٽريٽجڪ گهرائي جي هڪ درخشان مثال طور سامهون اچي رهيا آهن. ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل شراڪتداري سفارتي خيرسگالي کان اڳيان وڌي هڪ جامع ترقياتي شراڪتداري ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، جنهن انفراسٽرڪچر، توانائي، صنعت، ٽيڪنالاجي ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن کي متاثر ڪيو آهي. هن چيو ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري ان شراڪتداري جو سڀ کان نمايان اظهار رهي آهي، ان جي شروعات کان پوءِ سي پيڪ منصوبن ذريعي 8 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ توانائي صلاحيت جو اضافو ٿيو، هزار ڪلوميٽرن کان وڌيڪ روڊن جي انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻايو ويو، گوادر بندرگاهه کي جديد بڻايو ويو ۽ قومي رابطاڪاري کي مضبوط ڪيو ويو. انهن ڪاميابين پاڪستان جي ترقياتي منظرنامي کي تبديل ڪيو ۽ مستقبل لاءِ هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪيو آهي. هن چيو ته اڄ اسان سي پيڪ فيز ٽو تحت تعاون جي هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، اهو مرحلو رڳو انفراسٽرڪچر جي تعمير تائين محدود ناهي، پر رابطا ڪاري کي پيداواري ۾ ۽ پيداوار کي روانگي واپار ۾، روزگار ۽ پائيدار ترقي ۾ تبديلي جو مرحلو آهي.  سي پيڪ فيز ٽو  پاڪستان جي قومي معاشي تبديلي  جي فريم ورڪ اڏام پاڪستان سان مڪمل طور تي هم آهنگ آهي. اڏام پاڪستان 2035ع تائين 10کرب ڊالرن جي معيشت جي جوڙجڪ جو واضح روڊ ميپ فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان جي چين جي تازي اعليٰ سطح جي دوري دوران ان هم آهنگي کي هڪ نئين اسٽريٽجڪ سطح تي پهچايو ، مون کي اهو اعزاز حاصل آهي ته مان هڪ مفاهمتي يادداشت تي صحيحيون ڪيون، جنهن ذريعي اڏام پاڪستان جي فائيو ايز کي صدر شي جن پنگ پاران پيش ڪيل ترقي جي فائيو گروٿ ڪوريڊورز سان باضابطا طور تي جوڙيو ويو. هن چيو ته اڏام پاڪستان فريم ورڪ ۾ روانگي واپار پهريون ۽ سڀ کان اهم ٿنڀ آهي. هن چيو ته پاڪستان جي معدني معيشت جي تبديلي اسٽريٽجڪ شراڪتدارن کان سواءِ ممڪن ناهي ۽ ان ۾ چين جو ڪردار مرڪزي حيثيت رکي ٿو.

مزید خبریں