اسلام آباد -28 جنوري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سائي ٽيڪ ڊپلو حب جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر اليڪسس رونگ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ موسمياتي قدمن لاءِ سائنس ۽ سفارتڪاري جي گڏيل انضمام کي مضبوط بڻائڻ تي ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي وفاقي وزير اليڪسس رونگ ۽ سائي ٽيڪ ڊپلو حب پاران سائنس ۽ سفارتڪاري جي اثرائتي شموليت لاءِ اڳڀرائي جي تعريف …
وفاقي وزير مصدق ملڪ جي سائي ٽيڪ ڊپلو حب جي سي اي او سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد -28 جنوري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سائي ٽيڪ ڊپلو حب جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر اليڪسس رونگ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ موسمياتي قدمن لاءِ سائنس ۽ سفارتڪاري جي گڏيل انضمام کي مضبوط بڻائڻ تي ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي وفاقي وزير اليڪسس رونگ ۽ سائي ٽيڪ ڊپلو حب پاران سائنس ۽ سفارتڪاري جي اثرائتي شموليت لاءِ اڳڀرائي جي تعريف ڪئي. گذريل ڏينهن موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته موجوده عالمي حالتن ۾ سائنس ۽ سفارتڪاري وچ ۾ گڏيل رابطا هڪ عالمي ضرورت آهن، جڏهن ته موسمياتي تبديلي سبب درپيش معاشي ۽ سماجي دٻاءَ کي نظر ۾ رکندي پاڪستان لاءِ خاص اهميت رکن ٿا. ملاقات دوران پاڪستان جي مقامي علمي وسيلن، تحقيقي صلاحيتن ۽ تحقيقاتي ڍانچي مان فائدو حاصل ڪرڻ تي زور ڀريندي هن ثبوتن تي ٻڌل پاليسي سازي جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ان حوالي سان تربيتي ۽ فيلوشپ پروگرامن جي تياري، سائنسدانن کي سرڪاري وزارتن ۾ مقرر ڪرڻ وارن امڪانن تي به تفصيلي غور ڪيو ته جيئن پاليسي سازي جي عمل کي مضبوط بڻائي سگهجي. ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته هڪ هفتي اندر مستقبل جي سهڪار لاءِ هڪ جامع روڊ ميپ گڏيل طور تي تيار ڪيو ويندو. ملاقات ۾ اعليٰ تعليمي ڪميشن (ايڇ اي سي) گلوبل چينج امپيڪٽ اسٽڊيز سينٽر (جي سي آءِ ايس سي)، يونيورسٽين، قومي تحقيقي مرڪزن ۽ پرڏيهي وزارت جي نمائندن سميت اهم لاڳاپيل ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي.











