سڄي ملڪ ۾ شبِ معراج مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ شبِ معراج ڪالهه نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. ان موقعي تي وفاقي ۽ صوبائي گادي وارن هنڌن سميت گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير سميت سڄي ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن جي مسجدن ۽ اهم عمارتن تي محفلن جون خصوصي تقريبون منعقد ڪيون ويون. عالم سڳورن ۽ مقررن معراج واقعي تي تفصيلي روشني وڌي. ريڊيو ۽ ٽي وي تي خصوصي …

اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ شبِ معراج ڪالهه نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. ان موقعي تي وفاقي ۽ صوبائي گادي وارن هنڌن سميت گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير سميت سڄي ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن جي مسجدن ۽ اهم عمارتن تي محفلن جون خصوصي تقريبون منعقد ڪيون ويون. عالم سڳورن ۽ مقررن معراج واقعي تي تفصيلي روشني وڌي. ريڊيو ۽ ٽي وي تي خصوصي پروگرام نشر ڪيا ويا، جڏهن ته اخبارن ۾ خاص ايڊيشنز به شايع ڪيا ويا.

مزید خبریں