وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي پاران سرائيڪي جرنلسٽس فورم پاڪستان جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون

اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سرائيڪي جرنلسٽس فورم پاڪستان جي چونڊن ۾ نئين چونڊيل صدر سينئر صحافي ياور عباس بخاري ۽ ٻين عهديدارن کي مبارڪون ڏنيون آهن. هن سيڪريٽري جنرل نيئر سرحدي، فنانس سيڪريٽري طارق نصير رائو، نائب صدرن نوابزاده خورشيد خالد شاهه صديق، نيئر عرفان الحق ۽ فرحت فاطمه، جوائنٽ سيڪريٽرين، انفارميشن سيڪريٽرين ۽ سوشل ميڊيا سيڪريٽري سميت …

اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سرائيڪي جرنلسٽس فورم پاڪستان جي چونڊن ۾ نئين چونڊيل صدر سينئر صحافي ياور عباس بخاري ۽ ٻين عهديدارن کي مبارڪون ڏنيون آهن. هن سيڪريٽري جنرل نيئر سرحدي، فنانس سيڪريٽري طارق نصير رائو، نائب صدرن نوابزاده خورشيد خالد شاهه صديق، نيئر عرفان الحق ۽ فرحت فاطمه، جوائنٽ سيڪريٽرين، انفارميشن سيڪريٽرين ۽ سوشل ميڊيا سيڪريٽري سميت گورننگ باڊي جي چونڊيل ميمبرن لاءِ به نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سرائيڪي جرنلسٽس فورم جهڙا پليٽ فارمز علائقائي ٻولي، ثقافت ۽ صحافتي قدرن کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن اميد ظاهر ڪئي ته نئين چونڊيل قيادت پيشيوراڻي صحافت کي هٿي وٺرائڻ، صحافتي برادري جي مسئلن جي حل ۽ قومي يڪجهتي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪندي. اورنگزيب خان کچي چيو ته صحافت جمهوريت جي مضبوطي ۾ اهم ٿنڀ جي حيثيت رکي ٿي ۽ حڪومت صحافين جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ تعاون جاري رکندي.

مزید خبریں