سي پيڪ  فيز -2 تحت صنعتي تعاون، روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي منتقلي تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي: وفاقي وزير قيصر احمد شيخ

اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ اجلاس ۾ سي پيڪ فيز -2 تحت صنعتي تعاون جو تفصيلي جائزو ورتو. اجلاس ۾ خصوصي اقتصادي زونز (SEZs) تي ٻڌل صنعتي ترقي، پاڪستان – چين صنعتي حصيداري ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ بابت معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. سيڙپڪاري بورڊ مان جاري بيان موجب وفاقي وزير چيو ته سي پيڪ فيز- 2 ۾ پاڪستان – …

اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ اجلاس ۾ سي پيڪ فيز -2 تحت صنعتي تعاون جو تفصيلي جائزو ورتو. اجلاس ۾ خصوصي اقتصادي زونز (SEZs) تي ٻڌل صنعتي ترقي، پاڪستان – چين صنعتي حصيداري ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ بابت معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. سيڙپڪاري بورڊ مان جاري بيان موجب وفاقي وزير چيو ته سي پيڪ فيز- 2 ۾ پاڪستان – چين بي ٽو بي تعاون کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي، جنهن ذريعي صنعتي پيداوار، روانگي واپار ۾ اضافو ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي کي هٿي ڏني پئي وڃي. هن واضح ڪيو ته سيڙپڪاري بورڊ سي پيڪ صنعتي تعاون لاءِ جوائنٽ ورڪنگ گروپ (JWG) جو پاڪستاني ليڊ ادارو آهي ۽ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته خصوصي اقتصادي زونز جو انگ 7 مان وڌي 44 ٿي چڪو آهي، جيڪو سڄي ملڪ ۾ صنعتي سرگرمين جي پکيڙ جو ثبوت آهي. وفاقي وزير کي ڪراچي انڊسٽريل پارڪ ۽ گلگت بلتستان ۾ قائم خصوصي اقتصادي زونز ۾ ٿيل اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو. قيصر احمد شيخ چيو ته لينڊ ليز پاليسي (BQIP) جي منظوري سيڙپڪارن لاءِ هڪ اهم سهولت آهي، جنهن سان صنعتي منصوبن جي رفتار تيز ٿيندي ۽ ڪاروباري لاڳت ۾ گهٽتائي ايندي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ سيپٽمبر 2025ع ۾ پاڪستان – چين بي ٽو بي ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن ۾ 160 کان وڌيڪ سيڙپڪاري معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. اها اڳڀرائي سي پيڪ فيز -2 تحت صنعتي تعاون جي نئين دور جو آغاز آهي. وفاقي وزير چيو ته سي پيڪ فيز -2 تحت صنعتي تعاون، روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي منتقلي تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، جڏهن به بورڊ آف انويسٽمينٽ سيڙپڪار دوست ماحول جي فراهمي لاءِ مسلسل قدم کڻي رهيو آهي.

مزید خبریں