گڏيل عرب امارات پاران يمن ۾ استحڪام لاءِ سعودي عرب جي ڪوششن جي آجيان

دبئي -27 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارات يمن ۾ سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي وٺائڻ لاءِ سعودي عرب جي ڪوششن جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل عرب امارات يمن جي عوام جي مفادن کي هٿي وٺائڻ ۽ کين سلامتي ۽ خوشحالي سان لاڳاپيل جائز اميدن جي حمايت ۾ سعودي عرب جي تعميري ڪردار جي تعريف ڪئي آهي. بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته گڏيل …

دبئي -27 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارات يمن ۾ سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي وٺائڻ لاءِ سعودي عرب جي ڪوششن جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل عرب امارات يمن جي عوام جي مفادن کي هٿي وٺائڻ ۽ کين سلامتي ۽ خوشحالي سان لاڳاپيل جائز اميدن جي حمايت ۾ سعودي عرب جي تعميري ڪردار جي تعريف ڪئي آهي. بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته گڏيل عرب امارات يمن ۾ استحڪام ۽ ترقي کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سمورن قدمن جي حمايت واري پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ سندن ڪوششن جي تائيد به ڪري ٿو جيڪي خطي جي سلامتي ۽ خوشحالي ۾ ڪردار ادا ڪندا.

مزید خبریں