رياض -26 ڊسمبر(اي پي پي)سعودي عرب ۾ ڪنگ عبدالعزيز فالڪنري فيسٽيول جي شروعات ٿي وئي آهي جيڪا 10 جنوري 2026ع تائين جاري رهندي. جنهن ۾ مقامي ۽ عالمي شاهين پاليندڙ (فالڪنرز) شرڪت ڪري رهيا آهن . پرڏيهي ميڊيا مطابق فيسٽيول جي شروعات مقامي اشرافيه لاءِ ڇهن ڪواليفاءِ رائونڊن سان ٿي، موجوده ايڊيشن ۾ 139 شاهين پاليندڙن (فالڪنرز) جو مقابلو 012 1 رائونڊز ۾ ٿيندو ۽ٻن اهم مقابلن اندر ڪل 38 …
سعودي عرب ۾ ڪنگ عبدالعزيز فالڪنري فيسٽيول 2025ع جي شروعات

مزید خبریں
رياض -26 ڊسمبر(اي پي پي)سعودي عرب ۾ ڪنگ عبدالعزيز فالڪنري فيسٽيول جي شروعات ٿي وئي آهي جيڪا 10 جنوري 2026ع تائين جاري رهندي. جنهن ۾ مقامي ۽ عالمي شاهين پاليندڙ (فالڪنرز) شرڪت ڪري رهيا آهن . پرڏيهي ميڊيا مطابق فيسٽيول جي شروعات مقامي اشرافيه لاءِ ڇهن ڪواليفاءِ رائونڊن سان ٿي، موجوده ايڊيشن ۾ 139 شاهين پاليندڙن (فالڪنرز) جو مقابلو 012 1 رائونڊز ۾ ٿيندو ۽ٻن اهم مقابلن اندر ڪل 38 ملين کان وڌيڪ رائلز جا انعام پيش ڪيا ويندا. ان فيسٽيول جا 2 بنيادي مقابلا ٿيندا آهن. پهريون الملواح (الدعو400 ميٽر) ۽ ٻيو المزاين آهي . الملواح مقابلو شاهينن جي مالڪن، شوقيه ماڻهن، پيشيور ماڻهن ۽ اشرافيه جي قسمن کي راغب ڪري ٿو جنهن ۾ مقامي شاهين پاليندڙن (فالڪنرز) ۽ ٻيا عالمي شاهين پاليندڙن (فالڪنرز) لاءِ نامزد ڪيل رائونڊ آهن. المزاين مقابلو معيار مطابق شاهين (فالڪن) جي حسن تي ٻڌل آهي جيڪو مختلف ملڪن جي شاهين پاليندڙن (فالڪنرز) کي راغب ڪري ٿو . ميلي ۾ حصو وٺندڙ شاهينن (فالڪنز) جي انگ جي لحاظ کان اهو دنيا جو سڀ کان وڏو فالڪنري فيسٽيول طور گنيز ورلڊ ۾ ٽي رڪارڊ رکي ٿو. سعودي فالڪنز ڪلب جي ترجمان وليد الطويل چيو ته هلندڙ سال ان ميلي ۾ اسڪول جي زمري جي رائونڊ کان علاوه ٻارن ۽ عورتن جي ڪيٽگري ۾ به رائونڊ شامل آهن . وليد الطويل چيو ته اسان منظم انداز ۾ نئين نسل کي شوق جي منتقلي جي سهولت جا خواهشمند آهيون ۽ ورثي ۾ معاشري جي شرڪت ۽ دلچسپي کي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون . ان ميلي ۾ شاهينن(فالڪنز) لاءِ نئين معيار جا رائونڊ شامل ڪيا ويا آهن . جيڪي منگولين شاهينن (فالڪنز) لاءِ وقف آهن . فيسٽيول روزانو صبح جو 8 وڳي کان شام جو 5 وڳي تائين زائرين لاءِ لکيل هوندو. ان کان علاوه ” فيوچر آف فيوچر “ پويلين موجود آهي جيڪو ٻارن لاءِ تعليمي ۽ انٽرايڪٽو پروگرام پيش ڪري ٿو . واضع رهي ته ڪنگ عبدالعزيز فالڪنري فيسٽيول شاهينن (فالڪنري) ورثي کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار پيش ڪري ٿو.











