سعودي عرب پاران الفاو کي يونيسڪو جي عالمي ورثي جي سائيٽ تي رجسٽرڊ ٿيڻ جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي يادگاري ٽڪيٽ جاري

 رياض - 26 ڊسمبر(اي پي پي)سعودي عرب جي ٽپالي کاتي الفاو شهر ۾ دريافت ٿيل آثار قديمه کي يونيسڪو جي عالمي ورثي جي سائيٽ تي رجسٽرڊ ٿيڻ جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ٽن ريالن جي يادگاري ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٽپال کاتي چيو آهي ته يادگاري ٽڪٽ اهم قومي ۽ عالمي ايونٽس کي يادگار بڻائڻ ۽ ان جي اعزاز ۾ جاري ڪئي ويندي آهي. ان …

 رياض – 26 ڊسمبر(اي پي پي)سعودي عرب جي ٽپالي کاتي الفاو شهر ۾ دريافت ٿيل آثار قديمه کي يونيسڪو جي عالمي ورثي جي سائيٽ تي رجسٽرڊ ٿيڻ جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ٽن ريالن جي يادگاري ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٽپال کاتي چيو آهي ته يادگاري ٽڪٽ اهم قومي ۽ عالمي ايونٽس کي يادگار بڻائڻ ۽ ان جي اعزاز ۾ جاري ڪئي ويندي آهي. ان جو مقصد سعودي عرب جي تاريخ جي اهم باب کي نمايان ڪرڻ آهي. انهن ٽڪيٽن کي ميراث جا شوقين  ماڻهو گڏ ڪندا آهن ، ڪجهه انهن کي تاريخ جي اهم نڪتن تي ڌيان ڏيندا آهن جڏهن ته ڪجهه ان تي تحقيق ڪن ٿا . يونيسڪو الفاو شهر جي سائيٽ کي گذريل سال باضابط طورتي رجسٽرڊ ڪيو هو ۽ چيو هو ته اها سائيٽ ٻيٽ نما عرب جي قديم واپاري رستي جو هڪ اهم اسٽريٽجڪ هنڌ هو . پر پنجين صدي ۾ ان کي اوچتو ختم ڪيو ويو . ان هنڌ تي آثار قديم جي باقيات کان مڪمل طورتي اڃان تائين پردو ناهي کنيو ويو . الفاو، سعودي عرب ۾ اٺين اهڙي سائيٽ جو درجو اختيار ڪري ورتو آهي جيڪا يونيسڪو جي عالمي ورثي جي معتبر لسٽ تي موجود آهي.

مزید خبریں