پيانگ يانگ-26 ڊسمبر (اي پي پي ) اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان اختيارين کي فوج جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ميزائلن جي پيداوار ۾ واڌ ۽ نيون فيڪٽريون تعمير ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪم جونگ ان هٿيار ساز فيڪٽرين جي دوري دوران کين ايندڙ مصروف سال لاءِ تيار رهڻ جو حڪم ڏنو . هن چيو ته هٿيار بند فوج جي طلب …
اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان پاران سال 2026ع ۾ وڌيڪ ميزائل ٺاهڻ جو حڪم

مزید خبریں
پيانگ يانگ-26 ڊسمبر (اي پي پي ) اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان اختيارين کي فوج جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ميزائلن جي پيداوار ۾ واڌ ۽ نيون فيڪٽريون تعمير ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪم جونگ ان هٿيار ساز فيڪٽرين جي دوري دوران کين ايندڙ مصروف سال لاءِ تيار رهڻ جو حڪم ڏنو . هن چيو ته هٿيار بند فوج جي طلب مطابق تيار رهڻ لاءِ مجموعي پيداواري صلاحيت ۾ وڌيڪ اضافو ضروري آهي . هن نيون هٿيار ساز فيڪٽريون قائم ڪرڻ جو حڪم به ڏنو. ڪم جونگ ان جاپان جي سمنڊ تي نئين قسم جي بلند فضائي، ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ جهاز ڪيرائيندڙ ميزائلن جي تجرباتي لانچ جي نگراني ڪئي . هن چيو ته پنهنجي حڪمران پارٽي ، ڪورين ورڪرز پارٽي جي اٽڪل پنج سالن بعد ٿيندڙ پهريون ڪانگريس اجلاس جيڪو 2026ع جي پهرين ڏينهن ۾ متوقع هوندو ، جنهن ۾ جديد ڪاري ۽ پيداوار جا نوان منصوبا پيش ڪيا ويندا .











