واشنگڻن- 24 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي دفاع واري وزارت (پينٽاگون) ڪانگريس کي پيش ڪيل هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته چين جي پيپلز لبريشن آرمي( پي ايل اي) پنهنجي فوجي صلاحيتن ۾ نمايان اضافو ڪري رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا جي سلامتي وڌيڪ ڪمزور ٿيندي پئي وڃي. پرڏيهي ميڊيا مطابق رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته چين جي تاريخ ساز فوجي تعمير ۽ توسيع، آمريڪي سرزمين کي وڌندڙ خطرن …
چين جي فوجي صلاحيتن ۾ اضافي سبب آمريڪا وڌيڪ غير محفوظ ٿي رهيو آهي: پينٽاگون

مزید خبریں
واشنگڻن- 24 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي دفاع واري وزارت (پينٽاگون) ڪانگريس کي پيش ڪيل هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته چين جي پيپلز لبريشن آرمي( پي ايل اي) پنهنجي فوجي صلاحيتن ۾ نمايان اضافو ڪري رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا جي سلامتي وڌيڪ ڪمزور ٿيندي پئي وڃي. پرڏيهي ميڊيا مطابق رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته چين جي تاريخ ساز فوجي تعمير ۽ توسيع، آمريڪي سرزمين کي وڌندڙ خطرن ۾ وجهي ڇڏيو آهي. دستاويزن مطابق چين نه صرف پنهنجي روايتي فوجي طاقت ۾ اضافو ڪري رهيو آهي پر ان جي ايٽمي هٿيارن ۽ ٻين جديد عسڪري نظامن جي صلاحيت به اهڙي آهي جيڪا سڌيءَ ريت آمريڪي سلامتي کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿي. پينٽاگون جي اندازن مطابق چين پنهنجي ايٽمي اثاثن ۾ مسلسل اضافو ڪري رهيو آهي ۽ ان جو منصوبو آهي ته هو 2030ع تائين هڪ هزار کان وڌيڪ ايٽمي وار هيڊز حاصل ڪري وٺي.











